نئون ديرو (ن پ ا) نئين ديري جي سڪندر آباد پاڙي جو رهواسي جان شير ڏيٿو پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي.والد علي اڪبر ڏيٿو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي تي پٽ لاپتا ٿيڻ جو اطلاع ڏنو.علي اڪبر ڏيٿو ٻڌايو ته پٽ جان شير ڪشف فائونڊيشن ۾ لون رڪوري آفيسر طور ڪم ڪندو آهي، جيڪو ڳوٺ آباد ڀٽو رڪوري لاءِ ويو هو جتان لاپتا ٿي ويو آهي.ايس ايچ او ڳڙهي خدابخش ڀٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جان شير ڏيٿو ڳوٺ آباد ڀٽو ۾ هڪ دڪان تي موٽرسائيڪل، ليپ ٽاپ ڇڏڻ بعد غائب آهي. اسان کي اها به ڄاڻ ملي آهي ته جان شير بخار هجڻ ڪري ڳوٺ آباد ڀٽو جي ڊسپينسري مان دوا به ورتي آهي جنهن سان 2 ڄڻا ٻيا به گڏ هئا. وڌيڪ مامري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون.