سکر (بيورو رپورٽ) سکر واسي پورھيت تي مبينا تشدد، من پسند ماڻھن کي راشن ڏيڻ دوران وڊيو ٺاھڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. اِن ڏس ۾ پورهيت منٺار دانهيندي چيو ته کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائي سندس ڪپڙا ڦاڙيا ويا. پورهيت پورھيت عمر چوهاڻ موجب اهڙي زيادتيءَ جي دانهن کڻي ايئرپورٽ ٿاڻي تي پھتاسين ته پوليس فرياد وٺڻ بدران منهنجي عزيزن قربان چوهاڻ ۽ شعبان چوهاڻ خلاف جهيڙي ۽ ڦرلٽ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هن الزام هنيو ته پوليس ڪيس جي آڙ وٺي مقامي پ پ اڳواڻ جي چوڻ تي سماجي ڪارڪن عرفان ملڪ سميت ٻين جي گهرن تي پڻ چڙهايون ڪيون. هن مطالبو ڪيو ته مٿس تشدد ڪندڙ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.