ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وفاقي  وزير فيصل واوڊا جي استعيفا کانپوءِ خالي ٿيل سينيٽ سيٽ تي چونڊ لاءِ رڳو پيپلز پارٽي جي اميدوار نثار کهڙو  ۽ سندس ڪورنگ اميدوار عاجز ڌامراهه  نامزدگي ڪاغذ جمع  ڪرايا، جنهن بعد نثار کهڙي جي بنا مقابلي ڪاميابي جا امڪان آهن، الڪيشن ڪميشن موجب اسان کان 10 اميدوارن لاءِ فارم ورتا ويا پر ڪالهه آخري ڏينهن تي رڳو 2 نامزدگي فارم جمع ٿيا، 10 جنوري تي اسڪروٽني بعد نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو، واضح رهي ته سينيٽ سيٽ تي 25 جنوري تي چونڊ ٿيڻي آهي.