ساهيوال (م ڊ) حساس ادارن ڪارروائي ڪري گوجرانوالا ۽ ساهيوال مان بندش پيل تنظيم جا پنج دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ترجمان سي ٽي ڊي موجب ساهيوال ۾ انٽيلجنس بيسڊ آپريشن ڪري پنج دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، دهشتگردن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي قبضي مان بارودي مواد، هٿيار ۽ آپگهاتي جيڪٽ ٺاهڻ وارو سامان هٿ آيو آهي. سي ٽي ڊي پنجاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.