جده (م ڊ) سعودي عرب جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ اچي وئي آهي، جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانيون ڀوڳڻيون پئجي رهيون آهن. انتظاميا ايڪشن ۾ آئي ۽ ڀرپور ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب سول ڊفينس اهلڪارن گهرن ۾ ڦاٿل شهرين کي ٻيڙين ذريعي ٻي هنڌ منتقل ڪيو آهي. مدينه منوره ۾ ٻوڏ ۾ ڦاٿل ٻن شهرين کي هيليڪاپٽر ذريعي باحفاظت ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.