ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ پوليس پبلڪ سيفٽي ڪميشن غير فعال، رڳو هڪ سيڪريٽري مقرر ٿيل، 10 مهينن کان اجلاس نه ٿيڻ سبب هڪ هزار جي لڳ ڀڳ درخواستون پينڊنگ ۾ پيل ! پوليس اهلڪارن، جمعدارن، ايس ايچ اوز ۽ ٻين عملدارن پاران به پنهنجن آفيسرن جي ناجائزين جون درخواستون اجلاس نه ٿيڻ ڪري فائلن ۾ دٻيل آهن، ڪميشن ميمبرن اجلاس گھرائڻ لاءِ ڪميشن جي چيئرمين ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي خط لکي ڇڏيو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سال 2018ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تحت جوڙيل سنڌ پوليس پبلڪ سيفٽي ڪميشن غير فعال بڻيل آهي، سنڌ پوليس پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي جوڙيل طئه ڪيل قانون موجب هر مهيني هڪ کان وڌيڪ يا هڪ ڀيرو لازمي ڪميشن جو اجلاس ٿيڻو آهي، جنهن ۾ صوبي جي مختلف شهرن عام ماڻهن جون پوليس خلاف ۽ پوليس اهلڪارن، جمعدارن، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن، ايس ايچ اوز ۽ ڊي ايس پي توڙي ان کان مٿي رينڪ جي آفيسرن جون پنهنجن اعليٰ آفيسرن خلاف شڪايتون اچڻ بعد ڪميشن پاران ان جي ازالي ۽ جاچ لاءِ ڪم ڪندي آهي، گذريل 10 مهينن کان اجلاس نه ٿيڻ ڪري هڪ هزار جي لڳ ڀڳ عام ماڻهن توڙي پوليس اهلڪارن جون شڪايتون پوليس سيفٽي ڪميشن ۾ جمع ٿي چڪيون آهن، ان سلسلي ۾ ڀروسي جوڳن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڪميشن ۾ جمع ٿيل درخواستن ۾ 200 کان وڌيڪ درخواستون پوليس اهلڪارن جون پنهنجن اعليٰ آفيسرن خلاف آهن، ان حوالي سان ڪميشن جي ميمبر ۽ جي ڊي اي جي ايم پي اي حسنين مرزا “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پوليس سيفٽي ڪميشن هلائڻ نٿي چاهي. هن چيو ته هڪ هزار جي لڳ ڀڳ درخواستون پينڊنگ پيل آهن. ڪيترائي ڀيرا خط لکي چڪا آهيون، هاڻ به وڏي وزير کي خط لکيو آهي، پوءِ به اجلاس نه پيو گھرايو وڃي.