ڪراچي: سنڌ پوليس پبلڪ سيفٽي ڪميشن ۾ 12 ميمبر شامل: 6 اسيمبلي ميمبر ۽ 6 خانگي سيڪٽر جا ميمبر مقرر ٿيل آهن. قانوني طور تي ڪميشن جي سربراهي گھرو کاتي جي وزير حوالي ٿيڻي آهي،گھرو کاتي جي صوبائي وزير جو قلمدان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ حوالي هجڻ سبب ڪميشن جو چيئرمين به وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ئي آهي. ڪميشن ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز امداد پتافي ۽ شميم ممتاز سميت 4 ڄڻا، اپوزيشن مان جي ڊي اي جو ايم پي اي حسنين مرزا ۽ پي ٽي آءِ جو ميمبر علي جي جي، خانگي سيڪٽر جي 6 ميمبرن مان ناظم حاجي، ڪرامت علي، روبينه بروهي ۽ ٻيا شامل آهن.