مورو (ن پ ا) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ اين پي پي چيئرمين مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته هو سياست کان هاڻي لاتعلق آهي، سياست نوجوانن حوالي ڪري ڇڏي، رڳو عوام ۽ برادري جي خدمت ڪندس ۽ انھن جي ڏکن تڪليفن ۽ خوشين ۾ شرڪت ڪندس، هتي آجياڻي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سياست نوجوانن حوالي ڪئي آھي، جيڪي عوام لاءِ بهتر فيصلو ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته وقت ۽ حالتون اهي ناهن رهيون ۽ نه وري اليڪشن جو ڪو ماحول نظر اچي رھيو آھي، هن چيو ته ڪجھه وقت ۾ گڏيل حڪومت ٺھي سگھي ٿي، جيڪا اليڪشن ڪرائي سگھي ٿي، ھن چيو ته اسان عوام مان آھيون، عوام کي ڪا تڪليف پهچندي ته اسان اتي پهچي وينداسين، هن چيو ته سنڌ کي حڪومتون ٺاھيندڙن، حڪومتن ۾ موجود اڇو ڪپڙو پائيندڙن ۽ 30 سيڪڙو ذاتي مفاد رکندڙن نقصان پھچايو آھي، باقي 70 سيڪڙو غريب طبقو پنھنجي حال تي پريشان آھي، هن چيو ته جيڪڏھن عوام ھڪ نعرو ھڻي بھتر فيصلو ڪيو ۽ سٺي اميدوار جي چونڊ ڪئي ته ايندڙ وقت کين تڪليفن کان آجو ھوندو.