کٽمنڊو(م ڊ) گذريل ڏينهن نيپال ۾ مسافر جهاز ڪري پيو هو جنهن ۾ عملي سميت 72 ماڻهو سوار هئا جيڪي سمورا اجل جو شڪار ٿي ويا هئا، هيل تائين 70 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. هاڻي ان جهاز حادثي جون وڊيوز سامهون آيون پر هڪ وڊيو جهاز جي اندران رڪارڊ ڪيل آهي. ٻي وڊيو ۾ جهاز کي ڪرندي ڏسي سگهجي ٿو.