ڀٽ شاهه(ن پ ا)  ڀٽ شاھ جي وارڊ نمبر 5 تي ٻيهر ڳڻپ ۾ پيپلزپارٽي جي محمد سومار وفا کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي ڀٽ شاھ ٽائون ڪاميٽي جي ست وارڊن مان پيپلزپارٽي 5 ۽ لطيفي آزاد پئنل 2 وارڊن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، وارڊ نمبر 5 تي پيپلزپارٽي اميدوار جي درخواست تي ليڊيز پولنگ تي ٻيهر ڳڻپ ۾ پيپلزپارٽي اميدوار جا 100 ووٽ وڌي ويا، جڏهن ته گذريل رات ڳڻپ دوران لطيفي آزاد پئنل جي محمد يونس سومرو کي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو. ٻيهر ڳڻپ بعد پيپلزپارٽي اميدوار محمد سومار شيدي 645 ووٽ حاصل ڪيا ۽ لطيفي آزاد پئنل جي محمد يونس سومرو کي 615 ووٽ مليا ۽ پيپلزپارٽي جي اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. هوڏانهن ڀٽ شاهه ٻهراڙي جي يونين ڪائونسل  جي غير سرڪاري ۽غير حتمي نتيجن موجب  اتي پيپلزپارٽي اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ضلعي ڪائونسل ميمبر جي  عزيزاحمد ڇڄڙو 2514 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،  پيپلزپارٽي نامزد ٿيل چيئرمين آدم خان ٿهيم 2584ووٽ کڻي ڪامياب ماڻي ورتي.