سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ آپريشن

0
80

سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين کي سعودي رستي وطن واپس آڻڻ لاءِ پاڪ ايئرفورس جو ريسڪيو آپريشن جاري آهي

 پاڪ ايئرفورس جو سي ون ٿرٽي جهاز وڌيڪ 149 پاڪستانين کي جده مان کڻي ڪراچي ايئرپورٽ پهچي ويو

پاڪ ايئرفورس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪ ايئرفورس پرڏيهي وزارت، سوڊان ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخانن سان گڏجي ڦاٿل پاڪستانين جي هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي

پورٽ سوڊان نيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان ريسڪيو ڪيل پاڪستانين کي پاڪ ايئرفورس جي ٽرانسپورٽ جهازن ذريعي وطن منتقل ڪيو پيو وڃي

پاڪ ايئرفورس مصيبت ۾ ڦاٿل پاڪستاني ڀائرن ڀينرن جي محفوظ وطن واپسيءَ تائين پنهنجي آپريشنز جو سلسلو جاري رکندي