پاڪستان جون معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن: وزير اعظم

0
62

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، موسمياتي تبديلين ۽ ٻين سببن جي ڪري دنيا سميت پاڪستان به چئلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي

پاڪ ايئرفورس اصغر خان اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته سمورن پاڙيسري ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، پر والاريل ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ  ڏکڻ ايشيا ۾ امن ممڪن ناهي

هن چيو ته ڀارت آگسٽ 2019 کان والاريل ڪشمير کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان گڏيل مفادن جي بنياد تي سمورن ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو