منڪي پاڪس بابت خطرناڪ افواهه: صحت واري وزير جي وضاحت

0
107

صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو ڪو به ڪيس ظاهر نه ٿيو آهي، افواهه پکيڙي ماڻهن کي پريشان نه ڪيو وڃي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عذرا پيچوهو چيو ته اسلام آباد ۾ منڪي پاڪس جا 2 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وائرس جي سنڌ ۾ منتقلي روڪڻ لاءِ هوائي اڏن تي الرٽ جاري ڪيو اٿئون

هن چيو ته  لياري ۾ هڪ شڪي ڪيس سامهون آيو پر اهو چڪن پاڪس جو ڪيس لڳي ٿو، منڪي پاڪس لاءِ  ڪورونا وائرس واريون ايس او پيز لاڳو هونديون

منڪي پاڪس به ڪرونا وائرس جيان کنگهه ۽ ساهه ذريعي منتقل ٿئي ٿو، منڪي پاڪس وگهي موت جي شرح نه هئڻ جي برابر آهي، اسان وٽ هڪ هزار ڪٽس موجود آهن