ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)سون 119000 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، ڊالر ٻيهر 172.5 رپيا ٿي ويو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون ۾ تيزي برقرار رهي ، 24 ڪلاڪن اندر سون 3000 رپيا واڌ سان 116000 مان 119000 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا اضافي سان 1450 مان 1460 رپين تي پهتي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 60 پئسا واڌ سان 171.9 مان 172.5 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ ڊالر 7 پئسا واڌاري سان 171.2 رپين تي پهتو، ٻئي طرف پائونڊ 50 پئسا اضافي سان 235.5 مان 236 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته يورو 50 پئسا اضافي سان 198.5 مان 1990رپين تي پهتو.