اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي ۾ شگر ملون کي بند ڪري پرڏيهه مان کنڊ گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڪالهه پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرمين رانا تنوير جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي ميمبر خواجا آصف چيو ته ڪمند جي فصل ۾ پاڻي گهڻو استعمال ٿئي ٿو، ملڪ ۾ پاڻي جي موجودگي مسلسل گهٽجي رهي آهي، ملڪ ۾ آبپاشي جي ٽيڪنيڪ تبديل ناهي ٿي، اڃا تائين موهن جي دڙي واري ٽيڪنيڪ هلي رهي آهي، ڪپهه جو فصل گهٽ ٿي رهيو آهي، هر هنڌ ڪمند پوکيو پيو وڃي، شگر مل مالڪن جي چنبي مان نڪرڻ جي ضرورت آهي، سياستدانن شگر سيڪٽر ۾ ڳٺ جوڙ قائم ڪري رکيو آهي، هڪ هڪ سياستدان جون 8 کان 10 شگر ملون آهن، اڪثر شگر ملن جا مالڪ سياستدان آهن، جن شگر ملن جا مالڪ سياستدان نه به آهن اهي به سياستدانن يا انهن جي اي ٽي ايمز جي اثر ۾ آهن، ڪجهه ماڻهو ارب پتي نه پر کرب پتي بڻجي چڪا آهن، شگر ملون بند ڪري کنڊ امپورٽ ڪرڻ ۽ ڪپهه جي فصل جي پوکي کي وڌائڻ لاءِ جائزو وٺڻو پوندو، پبلڪ اڪائوننٽ ڪاميٽي جي چيئرمين رانا تنوير چيو ته ڪمند بجاءِ ڪپهه جو فصل پوکڻ ملڪ لاءِ وڌيڪ فائدي مند آهي، ملڪ ۾ ڪپهه جي فصل سميت زرعي شعبي ۾ ڪو ڪم نه ٿيو آهي،هن چيو ته ڪمند جي پوکائي جي حوالي سان علائقن جي زوننگ ڪرڻ گهرجي، شگر ملون بند ڪري اسان کي ڪپهه جي پوکي تي وڃڻ گهرجي، اجلاس کي فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي سيڪريٽري ٻڌايو ته هن ڀيري ڪمند پهريان کان وڌيڪ پوکيو ويو آهي، جنهن تي ڪاميٽي چيئرمين چيو ته ان لاءِ في مڻ جي امدادي قيمت جو وقت سر اعلان ڪيو وڃي، اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي سال 20-2019ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي ملڪ اندر زيتون پوکڻ واري منصوبي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، چيئرمين ڪاميٽي جو چوڻ هو ته پي اي آر سي کي ٺيڪ ڪيو وڃي، ڪنهن به جنس جي ڪا نئين ورائٽي نه اچي رهي آهي،پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي ميمبر سيد حسين طارق چيو ته ڪيستائين خوشخبرري ملندي ته ڪپهه جي سٺي ورائٽي جو ٻج هارين کي ملندو.