اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي حوالي سان انٽرويو ڪرڻ جي وزيراعظم ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي، وزيراعظم ڊي جي آءِ ايس آءِ جي حوالي سان سياسي طور تي سوچي رهيو هو ۽ فوج جو پنهنجو طريقيڪار آهي، وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ته سڀ شيون طئي ٿي ويون آهن، حڪومت ۽ فوج وچ ۾ تمام سٺي انڊراسٽينڊنگ آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ فوج ۾ ڪنهن قسم جي غلط فهمي ناهي، فضول سوال نه ڪريو، وفاقي وزير علي زيدي چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو معاملو وڏو نه هو، اپوزيشن هرو ڀرو اِن کي اشو بڻائي ڇڏيو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اپوزيشن جون ڪجهه حسرتون اهڙيون آهن جيڪي حسرتون ئي رهنديون، ڪجهه اهڙيون خواهشون آهن، جيڪي پوريون نٿيون ٿي سگهن،وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته سڀاڻي (اڄ) معاملو حل ٿي ويندو.