ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) سول جج دادو ۽ سرڪل آفيسر دادو جو ڪڻڪ جي سرڪاري گدامن تي ڇاپو، هزارين مڻ پيل ڪڻڪ خراب، ڪيترن ئي ٻاچڪن ۾ ڪڻڪ جي بدران مٽي ۽ سروٽا ڀريل هجڻ جو انڪشاف- رپورٽ موجب ڦلجي ۾ قائم ڪڻڪ جي سينٽرن ڦلجي، ھاشم کيڙا ۽ ڪي ٽي جتوئي جي سينٽرن تي سول جج دادو سيد امتياز علي شاھ ۽ اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر فياض علي ڀرٽ ڇاپو هنيو، جنهن تي ٽنهي سينٽرن تان عملو رڪارڊ سميت غائب ٿي ويو. سينٽرن تي پيل سرڪاري ٻاچڪن ۾ ڪڻڪ بدران مٽي ۽ سروٽا ڀريل هئا. معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.