ڪوٽڙي (ن پ ا) درگاھ قلندر جي مزار تي زائرين کان رشوت وٺي زيارت ڪرائڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد درگاھ جي سيڪيورٽي انچارج سيد نجف شاھ کي معطل ڪري لائين حاضر ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ڄامشورو درگاھ قلندر شهباز تي نئون سيڪيورٽي انچارج محمد امين جتوئي کي مقرر ڪري ڇڏيو. چار ڏينهن اڳ درگاھ قلندر بند ھئڻ باوجود زائرين کي رشوت عيوض مزار اندر زيارت ڪرائڻ جي وڊيو وائرل ٿي هئي. ايس ايس پي ڄامشورو پوليس لائين ۾ ويٺل ايس ايڇ او محمد امين جتوئي کي درگاھ قلندر جو سيڪيورٽي انچارج مقرر ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.