لنڊن (ڊيسڪ رپورٽ) برطانوي راڻي ايلزبيٿ جو مڙس پرنس فلپ 99 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. بڪنگهم پيليس پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ پرنس فلپ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ويو ته وڌيڪ تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا. پرنس فلپ يوناني شهزادو هو، جنهن 1947ع ۾ راڻي ايلزبيٿ سان شادي ڪئي. پرنس فلپ جو جيتوڻيڪ ڪو سرڪاري عهدو ڪونه هو، ان هوندي به کيس شاهي خاندان جو بااثر شخص تصور ڪيو ويندو هو، هن برطانوي شاهي خاندان کي جديد بنيادن تي بيهارڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن شاهي جوڙي کي چئن ٻارن جو اولاد ٿيو، جن ۾ پرنس چارلس، شهزادي اين، پرنس اينڊريو ۽ پرنس ايڊورڊ شامل آهن.