خيرپور: سول اسپتال خيرپور جي اڳوڻي رٽائرڊ ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ تي اسپتال ۾ ڪرپشن جا الزام آهن، جنهن جا ڪيس پڻ نيب ۾ هلندڙ آهن، جنهن سبب کيس رٽائرمينٽ جا بل پڻ روڪيا ويا آهن. جيستائين اڳوڻو ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ پنهنجي دور ۾ خرچ ڪيل بجيٽ جي آڊٽ نه ٿو ڪرائي تيستائين سندس رٽائرمينٽ جا بل روڪيا ويا آهن.