خيرپور: سول اسپتال خيرپور جي ليڊي ولنگٽن اسپتال گذريل سال کان مسئلن جو شڪار بڻيل آهي، ڊاڪٽرياڻين جي ڪوتاهين سبب ڪيترائي ٻارڙا ۽ مائرون ويم دوران فوت ٿي چڪيون آهن، علاج ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي وارثن ۽ ليڊي ولنگٽن اسپتال جي عملي ۾ جهيڙا پڻ روز جو معمول بڻيل آهن. ليڊي ولنگٽن اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر ڪلثوم آزاد لاشاري پاران سيڪيورٽي معاملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا ايم ايس ڊاڪٽر مير محمد سومرو کان اسپتال لاءِ اضافي سيڪيورٽي جي گهر ڪئي آهي پر سيڪيورٽي نه پئي ڏني وڃي.