سوال/سروي … وڏيرن ۾ هٿ وجهو ڌاڙيل پاڻ ئي سوگها ٿي ويندا: اغوا وارداتون وڌڻ تي عوام جو ردعمل

0
26

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته خيرپور، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ڪچي ۾ ڌاڙيلن جا 64 ٽولا سرگرم آهن، اغوا وارداتون وڌي ويو آهن، ذميوار ڪير آهي؟ حڪومت کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سردار، وڏيرا، پوليس ۽ سرڪار ذميوار آهي، وڏيرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ڌاڙيل پاڻ ئي سوگها ٿي ويندا، ڪچي ۾ آپريشن ڪري ڌاڙيلن کي ختم ڪيو وڃي، جيڪي به مغوي آهن انهن کي آزاد ڪرايو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جي آر چانڊيو لکيو ته ذميوار اسان عوام آھيون جو نااھل ماڻهن کي ووٽ ڏئي ڌاڙيلن جا سرپرست چونڊيون ٿا باقي رھي ڳالهه قدم جي ته حڪومت ڪو به قدم نه کڻندي، ڌاڙيل سردارن جا پاليل آھن پوليس سردارن اڳيان لاچار آھي پوليس ۾ ھيٺين طبقي جا عملدار ڌاڙيلن سان ملوث آھن، اياز کهاوڙ لکيو ته ضلعو گهوٽڪي هن وقت ڌاڙيلن جي مڪمل چنبي هيٺ آهي.هر روز ڌاڙا ڦرون اغوا معمول بڻيل آهن.هن وقت به ڪيترائي مسڪين ڌاڙيلن وٽ قيد آهن.مگر پوليس توڙي جي حڪومت خاموش بڻيل آهي.عوام پنهنجي پاڻَ تحت پنهنجا ماڻهو ڌاڙيلن کان ڀنگ معرفت آزاد ڪرائيندو آهي، ارشاد علي سومرو لکيو ته بلڪل ماڻھو اغوا ٿيڻ وارين وارڌاتن ۾ اضافو ٿيو آھي جنھن جا ذميوار سردار ۽ پوليس آھي جن کي حڪومت جي ڦل سپورٽ آھي ان لاءِ عوام کي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ ھر ماڻھو پنھنجي ذميواري سمجهي احتجاجي طور روڊ تي ڦيٿو جام ڪري حڪومت تي پريشر وجھڻ گھرجي جيئن سخت آپريشن ڪري ڌاڙيلن جو خاتمو آڻي سگهجي ۽ ائين ماضيءَ ۾ ٿيو آھي، باقر پتافي لکيو ته جنھن ضلعي اندر حڪومت جي رٽ قائم نه ھجي ۽ ڌاڙيل راڄ کي سپورٽ ڪندڙ پوليس ۽ تر جا وڏيرا ھجن مان سمجھان ٿو اھڙي سسٽم ۾ امن قائم ٿي ئي نٿو سگھي ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڏيڻ بجاءِ انھن خلاف سٺي آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آھي جتي پوليس سسٽم آپريشن جي مد ۾ اربين رپيا کائي پئي وري به امن نه پيو ٿئي سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي، شاهين سومار لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت آهي حڪومت کي ڪاروائي ڪرڻ گهرجي، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته بلڪل ماڻهو اغوا ٿين پيا انهن جا ذميوار تڪ جا وڏيرا سردار آهن جيڪي انهن مٿان ڇپر ٿيو ويٺا آهن ڪڏهن ڪنهن رئيس يا سردار جي پُٽ يا ڀاءُ کي ڇو نٿا اغوا ڪن ۽ اُهي سردار ڇونٿا بيان ڏين ڇو نٿا پوليس جي سپورٽ ڪن جيستائين سرداري نظام هوندو تيستائين هي ڌاڙيل ختم نه ٿيندا ڀلي سڄو ملڪ ٻاري ڇڏيو، علي قربان ميراڻي لکيو ته گھوٽڪي ته ھن وقت نوگو ايريا آھي سج لھڻ کان پوءِ ماڻھو پنھنجي گھر کان ٻاھر نه ٿا نڪري سگھن ذميوار ضلعي انتظاميا آھي! مخدوم مينهل لکيو ته امن امان ڪنهن به رياست جي  پهرين ذميواري هوندي آهي، رياست جا ادارا عوام کي امن نه ڏئي سگهيا آهن، راجا حيدر لکيو ته ذميوار وقت جا حڪمران ئي آھن اھڙن ڌاڙيلن جي ٽولن خلاف بي رحماڻو آپريشن ڪرڻ کپي پر ڪافي غلطيون ماڻھن جون به آھن جيڪي عشق ۽ سستي سامان جي چڪرن ۾ اچي وڃن ٿا بهرحال عوام جي جان مال جي حفاظت جي ذميواري حڪومت جي آھي، بشير جوڻيجو لکيو ته اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جون ذميواريون ڪچي جي ڌاڙيلن حوالي ڪيون وڃن جيئن عوام سک جو ساھ کڻي سگھي اسان حڪومت سنڌ کان پرزور مطالبو ٿا ڪيون ته ڪچي وارن ڌاڙيلن کي پڪي وارن ڌاڙيلن ۾ ضم ڪيو وڃي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت سنجيدگي سان ڪوشش ڪن ته ڪشمور شڪارپور گھوٽڪي جي ڪچي ۾ امن امان بلڪل قائم ٿي ويندو شڪارپور گھوٽڪي ڪشمور جا ماڻھو تفريح ڪرڻ لاءِ ڪچي طرف ويندا پر ھي ھٿرادو بدامني ڪئي وئي آهي وانا وزيرستان ۾ آپريشن ٿي سگهي ٿو ته گھوٽڪي شڪارپور ڪشمور جو ڪچو ڪھڙو مسئلو آهي اگر سچائي سان ڪم ڪن ته ھڪ منٽ به وڏو آھي ڌاڙيل راڄ ختم ٿي ويندو، محبتي مڪيش ڪمار لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آھي ذميوار ادارن کان ڪير به ڏاڍو ناهي هي حڪمران پنهنجو ڪاروبار ٺاهيو ويٺا آھن ھيڏا وڏا وڏا ڊجيٽل ھٿيار آسمان مان ته نٿا اچن ڇا پوليس کي خبر ناهي، اسد زرداري لکيو ته شڪارپور گھوٽڪي،خيرپور ڪشمور ضلعن ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر جا ذميوار حڪومتي ادارا ۽ اتان جي تر جا وڏيرا آھن جيڪي انھن کي پناھه ڏين ٿا ۽ سپورٽ ڪن ٿا ۽ ڳرا ھٿيار پھچائين پيا ڇو ته ڌاڙيلن ڪڏھن به ڪنھن وڏيري جي پٽ يا انھن جي ڪنھن ويجھي عزيز کي اڄ ڏينھن تائين اغوا ناھي ڪيو جڏھن ڪچي ۾ آپريشن شروع ٿئي ٿو ته ڌاڙيل پڪي جو رخ ڪري وڏيرن ۽ جاگيدارن وٽ اچي پناھه وٺن ٿا حڪومت کي ھاڻ جلد ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڏيڻ بجاءِ انھن خلاف وڏي آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آھي. شاهد بلوچ لکيو ته وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏئي امن امان قائم ٿي سگهي ٿو ذميواريون وفاقي حڪومت جون آهن، ياسين جوڻيجو لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته اتي جي سڀني سردارن کي سوگهو ڪجي ته جيئن هو ڏوهارين کي گرفتار ڪرائي پنهنجي جان ڇڏائن.