ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)ڪنڌڪوٽ پوليس عورتن سميت 6 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب شڪارپور واسي ڪچي ۾ رشتو ڪرڻ بهاني گهرايل عورتن سميت 6 ڄڻن شهباز راهو، مسمات زاهده، مسمات شهزادي خاتون ٻرڙو، روبينا زال اطهر علي شاهه،10 سال جو عدنان پٽ اطهر شاهه،4 سال جي زويا ولد نثار کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. پوليس موجب 6 ڄڻن کي ڏوهارين اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. اهي سڀئي دراني مهر ڪچي طرف وڃي رهيا هئا. پوليس کي ٽيڪنيڪل ٽيم جي مدد سان اطلاع ملڻ تي کين سڀني کي ريسڪيو ڪري اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.پوليس موجب اغوا کان بچي ويل سڀني کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.