ڪرمپور (ن پ ا ) ڪرمپور مگسي روڊ تي شيرمحمد لاڙي وٽ پنجاب واسي مزدا ڊرائيور آصف حسين ملاح کي هٿياربند اغوا ڪري ويا. اغوا کان بچي ويل مغوي جي ساٿي ڊرائيور نادر حسين ٻڌايو ته پنجاب جي علائقي ليه جا رهواسي آهيون، ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ نصرالله بجاراڻي مان گدرا لوڊ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته ٻن موٽرسائيڪلن تي پنج هٿياربندن گاڏي روڪي ڊرائيور آصف حسين کي اغوا ڪري ويا، واقعي واري هنڌ پوليس چونڪي هجڻ باوجود اهلڪار موجود نه هئا، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪنڌڪوٽ ۾ موجود هئا ته ڪرمپور مان هٿياربند ڊرائيور کي اغوا ڪري ويا. هوڏانهن اغوا واقعي بعد ايس ايچ او ڪرمپور جي اڳواڻي ۾ پوليس ڳوٺ گلاب بنگلاڻي تي چڙھائي ڪئي پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيا.