امن جا ازلي دشمن ڪير؟

ھاڻوڪين حالتن ۾ جتي دنيا ۾ کوڙ دنگا فساد ھلندڙ آهن، خاص طور فلسطين ۽ اسرائيل سميت روس، يوڪرين وغيره انهيءَ کان اڳ افغانستان ۾ ھڪ وڏي عرصي تائين جنگ ھلندي رھي ۽ اڃا تائين انهن امن جي ازلي عالمي دشمن ڌرين جي اھا ڪوشش رھي آهي ته ڪيئن به ڪري ھن خطي يعني پاڪستان، افغانستان، ڀارت، ايران وغيره اتي تڪرار ئي تڪرار ھجن ته جيئن امن جو پکي پر به نه ھڻي سگهي. دراصل ڏٺو وڃي ته سڄي دنيا ۾ انهن جھيڙن جھٽن کي اينگھائيندڙ ڪھڙا ڳجھا ھٿ آهن؟ يا ايئن کڻي چئجي ته انهن ملڪن ۾ جتي اڳ ئي معاشي، سياسي ۽ سماجي استحڪام نه ھئڻ جي برابر آهي انهن کي ھڪڙي سازش تحت اڃا به وڌيڪ تڪرارن ڏانهن ڌڪي تباهي طرف ڌڪڻ ۾ اصل ڪردار ڪير ڪير پيو ادا ڪري؟ پوءِ اھو فلسطين جو مسئلو ھجي يا ڪشمير جو مسئلو، انهن سڀني پٺيان اھي ئي عالمي امن جا  ازلي دشمن ڪردار آهن جن لاءِ دراصل اھي فضول فساد روزي جو سبب بڻيل آهن توڙي جو انهن امن جي دشمن ملڪن لاءِ ته اھي جھيڙا فضول ناھن پر انهن تڪرارن جي قيمت ادا ڪندڙ معصوم انسانن جي امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اھي جھيڙا نه رڳو فضول آهن پر سندن سياسي، معاشي ۽ سماجي ترقي جي راھ ۾ ھڪ وڏي رنڊڪ پڻ بڻيل آهن ۽ اصل ۾ اھو ئي ته اھي فسادي طاقتون چاھين ٿيون ته ھي پاڻ جھڙا ٽين دنيا جا ملڪ سدائين پاڻ ۾ اٽڪيل رھن، سدائين انهن جي بندوقن جا منهن ھڪ ٻئي ڏانهن ھجن ته جيئن باوجود انهيءَ جي ته پاڻ جھڙن ملڪن ۾ قدرت طرفان ھر نعمت عطا ڪيل آهي پر پوءِ به امن امان جي صورتحال پاڪستان سميت سڄي خطي لاءِ ھر دور ۾ ھڪ سنگين معاملو رھي آهي، جيڪڏهن ھتي مڪمل امن امان ھجي ته پوءِ ظاھر آهي ملڪن جي جيڪا بجيٽ دفاع لاءِ رکي وڃي ٿي اھا سندن عوام جي بنيادي ضرورتن تعليم، صحت وغيره تي خرچ ٿئي پر ڏٺو وڃي ته جھڙي ريت عالمي منظرنامي تي ھٿيارن جو وڪرو ڪندڙ ملڪن کي ھر صورت دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪا نه ڪا جنگ جاري رکڻي آهي ته جيئن سندن ڪاروبار جاري رھي سگهي، ساڳيءَ ريت پنهنجي ملڪي پسمنظر ٿو ڏسجي ته پاڻ به ساڳي سازش جو شڪار آهيون ھڪڙي سوچيل سمجھيل سازش تحت سنڌ سميت سڄي ملڪ کي بدامني جي ور چاڙھيو ويو آهي. رياست جي رٽ چئيلنج ٿي چڪي آهي، سرعام چند ڦورو، ڌاڙيل ماڻهن کي اغوا ڪري کين قتل پيا ڪن، معصوم ٻار به انهن جي وحشت کان بچيل ناھن، عوام جي جان و مال مڪمل طور غير محفوظ بڻيل آهي، تنھن ڪري ھاڻ رڳو مذمتي بيانن ۽ بجيٽ ۾ واڌاري ڪرڻ تائين محدود رھڻ بدران ھاڻ رياست کي اڳتي وڌي ڪري سنجيدگي سان قدم کڻڻا پوندا. دراصل امن امان جو مسئلو ملڪي سطح تي ھجي يا عالمي سطح تي انهيءَ جي پٺيان ھڪڙي ڳالهه ته واضح آهي ته انهيءَ جا ازلي دشمن اھي ئي ڪردار آهن جن جي انهيءَ بدامني پٺيان روزي لڪيل آهي ھاڻ ڳالهه اھا آهي ته اھي قوتون ڀلا ڪيئن چاھينديون ته ھر ھنڌ امن قائم ٿئي ۽ سندن روزي تي لت اچي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

خاموش انسان خطرناڪ ٿي سگهي ٿو!

توهان اڪثر ڪيترين ئي جڳھن تي ڏٺو آھي ته ڪجھ ماڻهو خاموش مزاج ھوندا آھن، اُھي خاموش نه  منافق پر ھوندا آھن، جيڪڏھن توهان جو ڪو به مسئلو ڪنهن سان ٿي وڃي ته اھڙن مان جيڪڏھن هو خاموشي اختيار ڪري ڇڏي يا ھو اهي لفظ چئي ته تُون اسان جو ننڍو ڀاءُ آھين سمجهي وڃو توهان لاءِ ڏکيو وقت اچي ويو آھي، سياڻا چوندا آھن ته جڏھن پير ڪڍڻ وارو توهان جو پير ڌٻائڻ سان لڳجي وڃي ته سمجهي وڃو ته اڳيون ٽارڪيٽ توهان جو گردن ٿي سگهي ٿو، جڏھن جذباتي انسان سان ڪو مسئلو ٿي وڃي ته ان جو اُن وقت ردعمل ظاھر ٿيندو آهي پوءِ جيڪو ان کي ڪرڻو ھوندو اهي اهو ڪندو آهي، پوءِ ان کان بعد توهان کي ڪو به ڊپ ڪرڻ جي ضرورت ناھي ھوندي، پر خاموش انسان کان هميشه ڊپ ڪجو ڇو ته اھو لڪ ڇپ ۾ وڙھندو ايندو آهي، ڪڏھن شيطاني جي صورت ۾ ڪڏھن منافقي جي صورت ۾، ڀلي توهان ان کان هزار ڀيرا معافي وٺو پر اھو توهان کي زباني چوندو ته مان تو کي معاف ڪيو تون منھنجو ڀاءُ آھين پر ھرگز توهان کي ڪڏھن به معاف ناھي ڪندو، ڇو ته اھڙا ماڻهو اندر جا پليت ھوندا آھن. پوءِ اُھي توهان جي ڪمزوري ۽ توهان جون گھاءَ ڳوليندا آھن، پنھنجا ماڻھو موڪليندا آھن، پوءِ اُھي ماڻھو ڇا ڪندا آھن جو توهان ڏي اچي توهان جي مخالف ڌُر جي باري ۾ گلا ڪندا آھن، ان جو مطلب ايئين ناھي ته هي به ان جو دُشمن آھي، پر هي توهان جا راز معلوم ڪرڻ ايند آھي ته توهان جو ان جي باري ۾ ڪهڙو خيال ۽ سوچ رکو ٿا، هميشه ڪڏھن به ڪنھن سان ڳالھايو، ڀلي اُھي دوست ھجي يا دُشمن، حاضر دماغ ٿي ڳالھايو ته مان ڇا چئي رھيو آھيان؟

محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن

ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ ڦاهي ۽ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ!

(حصو چوٿون)

ڳالهه اها آهي ته ان وقت جيورسٽ ڪانفرنس ڪجهه نتيجا اخذ ڪيا (1) ڪيس هلائڻ واري عدالت جوابدار سان ذاتي مخالفت رکندي هئي. (2) ڪيس کليل عدالت ۾ نه هلايو ويو. (3) عدالت ڪيس جي ڪارروائي جو صحيح رڪارڊ رکڻ ۾ ناڪام رهي. (4) شاهديون هٿرادو بيهاريل هيون ۽ ڪيتريون ئي ٻيون قانوني خاميون ڪيس ۾ موجود هيون. (5) مدعي عاليا کي جسماني اذيتون ڏنيون ويون. (6) عدالت وڪيل صفائي کي ڌمڪيون ڏنيون، ڪانفرنس اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته ڏوهه ۾ برابر جو شريڪ ٻڌايل وعدي معاف گواهه جي بيانن کي ٻن آزاد شهادتن ذريعي تصديق ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي، اسلامي قانون تحت اهڙيون شاهديون باطل قرار ڏنيون وينديون آهن، ڀٽو اڄ به سرڪاري تاريخ ۾ مظلوم تسليم ڪيو ويو آهي، عدالت پنهنجي مٿان لڳل ناانصافي جا داغ ڌوتا آهن. 2011ع ۾ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪليل صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بئنچ جي جيڪا گڏيل راءِ سامهون آئي اها صحيح به آهي، انصاف جي چهري تي لڳل داغ کي ڌوئڻ جي شعوري ڪوشش ۽ ٻه ڳالهيون اڄ به سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ متفقه طور تي تسليم ڪيون آهن. هڪ ته ڀٽو ڪيس ۾ ڀٽو کي فيئر ٽرائل جو حق نه مليو، ٻيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ان ڪيس جي ٻڌڻي دوران فرد جي بنيادي حقن کي نظر انداز ڪيو ويو، ان ريفرنس ۾ عدالتي سهڪار ڪندڙ اڳوڻي جج منظور ملڪ فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن ۾ موجود تعصبي اختيارن جي اورانگهڻ، ٽرائل جي هڪ مرحلي کان ڀٽي کي محروم رکڻ ۽ ٻين معاملن تي تفصيل سان سپريم ڪورٽ کي مشاورت فراهم ڪئي، فوجداري قانون ۾ اٽارني سمجهو ويندڙ منظور ملڪ ساراهه جوڳو آهي ته ان پاڪستاني انصاف جي سرشتي جي ڪمزورين تان نه صرف عدالت ۾ پردو کنيو پر ان سان گڏوگڏ ان ڀٽي صاحب جي رت جي اڃاري فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي ڪاري ڪردار کي به واضح ڪري ڇڏيو. خود عدالت به اهو مڃيو ته مارشلا حڪومت جو ڪردار اڻ ڌريو نه هو، منظور ملڪ جن ٻن بنيادي سوالن تي عدالت جي معاونت جو بنياد رکيو، ان مان هڪ سوال اهو هو ته مئجسٽريٽ جي سطح تي انڪوائري مڪمل ڪري ڪيس داخل دفتر ڪيو ويو هو. مئجسٽريٽ جي ان فيصلي خلاف ڪا به اپيل نه ٿي، ايتري قدر جو داخل دفتر ٿيل ڪيس کي ٻيهر عدالتي عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ ڪنهن به ڪا درخواست نه ڏني هئي، ٻيو سوال اهو هو ته ڪيس سيشن ڪورٽ بدارن سڌي ريت هاءِ ڪورٽ ۾ هلائڻ جي حوالي سان به ڪا درخواست نه ڏني وئي هئي. (جاري)

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

بيدرديءَ سان قتل ٿيندڙ معصوم جانيون!

ڪڏهن ننڍڙن معصوم ٻچن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ٿو وڃي، ته ڪٿي انهن کي قتل ڪيو ٿو وڃي، ڪجھه ساڳ اڳ خانپور جي ڳوٺ علي خان بڊائي جتوئي ۾ شمن جتوئي ماني دير سان پچائڻ تي زال اشرف خاتون کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو، انسانن جو به اندازو نٿو لڳائي سگهجي، جيڪي وحشين جي روپ ۾ گھمن ٿا، انهن لاءِ ڪنهن انسان جو قتل معمولي ڳالهه آهي، ڄڻ انهن کي انصاف نظر ئي نٿو اچي. ڪافي وقت اڳ ننگر پارڪر ۾ ستاوڙي تي پنهنجي والدين جي گھر آيل نئين نويلي ڪنوار کي چاھيندڙ گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ اها روايت رهي آهي ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا رشتا ڄمڻ وقت طئي ڪيا ويندا آهن، پوءِ جڏهن اهي سمجهه لائق ٿيندا آهن ته ان وقت حالتون ٻيون هونديون آهن. انهن رشتن ۾ اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته يا ته ڇوڪريءَ کي ڇوڪرو پسند ناهي هوندو يا وري ڇوڪرو ڇوڪريءَ کي ناپسند ڪندو آهي، پوءِ ٻنهي کي مائٽ داٻن ڌهمانن سان راضي ڪري سندسن شاديون ڪرائيندا آهن. پوءِ انهن جي زندگي زھر ٿي ويندي آهي، پوءِ سماج جون اکيون کلنديون آهن. آئون پنهنجن دوستن ۽ عزيزن کي گذارش ڪندس ته ٻچن جي زندگي جا فيصلا ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن سندن صلاح وٺندا ته ان ۾ وڏا، ننڍا ناهن ٿي پوندا پر اڳتي هلي انهن جا گھر سدائين آباد رهندا آهن ۽ ڪيترائي ڪٽنب برباد ٿيڻ کان بچي ويندا آهن.

شبير احمد ڪوري/خليفو قاسم

سنڌ جو مستقبل!

الله تعاليٰ ھر ٻار ۾ مختلف صلاحيتون رکيون آهن، جن تي اڪثر والدين پنهنجي مرضي مڙهيندا آهن ۽ ان دوران ٻار پنهنجون اصل صلاحيتون ڏيکارڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ کان محروم رهجي ويندا آهن، جيڪڏهن والدين جو تعلق ڊاڪٽري پيشي سان آهي ته ھو ٻار کان سندس مرضي ڄاڻڻ بنا کيس ڊاڪٽريءَ جو شعبو اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن. جڏهن هو ان ۾ ناڪام ويندا آهن ته والدين ان کي معاشري ۾ پنهنجي بدنامي سمجهندا آهن ۽ پوءِ اولاد کي طعنيٰ ڏيندا آهن. والدين اهو ناهن سمجهندا ته جنهن شعبي ۾ ٻار جي دلچسپي آهي ان ۾ هو سٺا نتيجا ڏيندو. ان دوران ٻار ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ پاڻ کي دنيا جو ناڪام شخص سمجهڻ لڳندو آهي. ان موڙ جي ناڪامي ڏسي ڪيترائي ٻار ذهني دٻاءَ ۾ اچي آپگھات ڪندا آهن، جيڪو يقينن والدين لاءِ قيامت جو منظر هجي ٿو. ضروري ناهي ته جي توهان ڊاڪٽر، انجنيئر يا بيوروڪريٽ هجو ته توھان جو اولاد به ان شعبي ۾ دلچسپي رکندو هجي. منهنجي خيال ۾ والدين کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن بابت ڪو به فيصلو انهن جي رضامنديءَ کان سواءِ نه ڪن ۽ پڙهائي جي شعبي جي چونڊ واري معاملي ۾ انهن کي بلڪل آزاد ڇڏين، جيئن ھو پنھنجي دلچسپي موجب ان جي چونڊ ڪري پنهنجي روشن مستقبل جي باري ۾ دل سان ڪم ڪري سگهن.

غلام مصطفيٰ بالادي/ ڄامشورو

دادو واهي پانڌي روڊ جي مرمت ڪرايو!

واھي پانڌي جو جوھي-دادو روڊ ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن سان ملائيندڙ روڊ کنڊر بڻيل آهي، انهن ڳوٺن ۾ دودو خان لغاري، فتح محمد بروهي، ڄام ٻٻر، ماڻا خان جوساڻي، سيوو جمالي، پريو جمالي، علي بخش لغاري، بکر جمالي، صاحب خان لغاري، بخشل رستماڻي ۽ کيرٿر بلوچستان جي حدن سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي سفري سھولتون ڏيندڙ روڊ ۾ هنڌان هنڌان کڏا پئجي ويا آهن ۽ روڊ مڪمل تباھ ٿي ويو آهي. شھر طرف ايندڙ ويندڙ ماڻھو وڏين تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن. 20 کان 25 منٽن واري سفر ۾ ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. ڪاڇي جي ڳوٺ ۾ ايمرجنسي جي صورت ۾ مريضن کي اسپتال کڻي وڃڻ دوران روڊ جي حالت خراب هجڻ ڪري ڳوٺاڻا وقت سر اسپتال نٿا پهچي سگهن ۽ مريض رستي ۾ ئي فوت ٿي وڃن ٿا، برساتي موسم ۾ ھتان جا رھواسي ٻٽي عذاب ۾ اچي وڃن ٿا. روڊ تي گپ گاري ۽ کڏن سبب گاڏي ته ڇا ماڻهو پنڌ به نٿا هلي سگھن. اسڪول ويندڙ شاگرد پڻ وڏين تڪليفن کي منھن ڏين ٿا، مين روڊ جي خراب حالت سبب حادثا به روز جو معمول آھن، جنهن جي ڪري ڪيترائي نوجوان معذور ٿي ويا آھن. اسان هتان جي ڊي سي دادو کي اپيل ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي روڊ جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي.

امتياز احمد لغاري/ يوسي واھي پانڌي

دنيا ۽ اسان جا نوجوان!

دنيا ۾ سائنس ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جون منزلون ماڻي رهي آهي، جنهن کان پوءِ انسانن جي جاءِ تي آٽوميٽڪ مشينون يا روبوٽ وٺي رهيا آهن. اڄ ڪلھ روبوٽن انساني زندگي جي سمورن ڪمن ڪارين کي انتهائي سولو ڪري ڇڏيو آھي پر روبوٽن جي ڪري انسانن جي بيروزگاريءَ جو مسئلو به ڪرُ کڻي رهيو آهي. دنيا جي هر ملڪ جي وڏين وڏين فيڪٽرين ۾ روبوٽ ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن. توهان کي دنيا ۾ بنا ڪنهن غلطيءَ جي اڄ ڪلھ هوٽلن ۾ بيرا، گهرن جي صفائي، کاڌي پچائڻ لاءِ به روبوٽ ئي نظر ايندا. مطلب ته هرهنڌ روبوٽ ڪم پيا ڪن، جن انسان جي زندگيءَ کي تيز رفتار بڻائي ڇڏيو آهي پر اسان جي ملڪ ۾ يونيورسٽين مان ڊگريون ماڻيندڙ بيروزگار نوجوانن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، اسان جي ملڪ ۾ روبوٽ ته نه آهن پر هتي اهڙا روبوٽ هائير ڪيا ويندا آهن جيڪي پئسا ڏئي نوڪريون حاصل ڪندا آهن ۽ انهن کي لکڻ پڙهڻ به ناهي ايندو. جيڪڏهن ڪنهن به نوجوان کان پڇجي ته اهو صرف سرڪاري نوڪري ئي ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ پرائيويٽ نوڪرين کان ان ڪري پاسو ڪندو آهي جو هو سمجھي ٿو ته ان سان عزت ۾ گھٽتائي ٿي اچي پر کين ڪير سمجھائي ته جيڪي پگھارون ۽ مراعاتون پرائيويٽ سيڪٽر ۾ آهن اهي سرڪاري نوڪرين ۾ ناهن ۽ ٻيو ته ملڪ ۾ نوڪريون آهن ڪٿي جو توهان سرڪاري نوڪريون ڪندا؟

انيل ميگهاڻي/ چيلهار

کورواهه کي بنيادي سهولتون ڏيو!

بدين ضلعي جي تاريخي شھر کورواھ جي قديم ڳوٺ ملاحسن واري علائقي ۾ ھن وقت تائين تيل ۽ گئس جا 15 کان وڌيڪ وڏا ذخيرا لڌا ويا آھن، جن مان روزانون جي بنياد تي اربين رپين جي ماليت جو تيل ۽ گئس نڪري رهيو آهي. تيل ڪمپنين جي اصولن ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب جنهن علائقي مان معدنيات نڪري ٿي ان تي پھريان علائقي واسين جو حق هجي ٿو پر ھتي ان جي بلڪل ابتڙ آھي، سمورا وسيلا پنجاب منتقل ڪيا پيا وڃن. ڄاڻايل علائقو قدرتي وسيلن سان مالامال ھجڻ باوجود تيل ڪمپني طرفان علائقي کي يا علائقي وسين کي ڪنهن به قسم جي ڪا بنيادي سھولت ناھي ڏني وئي، هن وقت به ڳوٺاڻان ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آھن، جنهن جي ڪري هو مختلف بيمارين کي منهن پڻ ڏين پيا. جڏھن ته علائقي واسين پاران ڊي سي بدين کي سھولتون مھيا ڪرڻ لاءِ درخواست پڻ ڏني وئي هئي پر اڃا تائين ان جو ڪو به کڙتيل نڪري ناهي سگھيو. لاڳاپيل ڪمپني ڳوٺاڻن کي روزگار ڏيڻ بدران ڌارين کي ٻاھران آڻي ڀرتي ڪيو آهي، منھنجو U.E.P ڪمپني ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو آھي ته بنيادي سھولتن کان وانجهيل علائقي کي رائلٽي پراڊڪشن بونس مان اسڪول، اسپتال، گئس، روڊ ۽ ٻيون بنيادي سھولتون ڏئي ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي.

سيف الله پنھور/کورواھ

ڳوٺن ۾ ويهي به ترقي ڪري سگھون ٿا!

جديد دور ۾ دنيا ڳوٺن کان شھر طرف لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهي پر ڇا ڳوٺن ۾ سهولتون نه ھجن ته اسان پنهنجا ڳوٺ ڇڏي ڏيون، ڇا اسان پڙھيل لکيلن کي پنهنجن اباڻن ڳوٺن ۾ اھڙا ڪم نه ڪرڻ گھرجن جيئن اسين ڳوٺ ۾ شھر کان سٺي زندگي گذاري سگھون؟ ھر ڳوٺ ۾ صاف پاڻي موجود آهي، تازو کير، بنا ملاوٽ اٽو ۽ ٻيو ڪيتريون ئي نعمتون موجود آهن، جن سان اسان جو جسم چست رھي ٿو. شهر تيزيءَ سان وڌندا ٿا وڃن، آسمان کي ڇهندڙ عمارتون تيار ٿينديون پيون وڃن، اهي شهر قبرستانن تي قبضا ڪري جوڙيا پيا وڃن يا زرعي زمينن کي ڪمرشل بڻايو پيو وڃي، غير فطري توڙي وڌندڙ شهر پنهنجو حسن وڃائي رهيا آهن. شهرين کي صاف پاڻي نٿو ملي، پيئڻ جي پاڻي جون لائينون ۽ گندو پاڻي ملي وڃي ٿو، جنهن جي ڪري شهري مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجن ٿا، وڏن شهرن جون گهٽيون به سوڙهيون ٿينديون پيون وڃن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين سوچيون ته آخر سنڌ جي ڳوٺن کي وري آباد ڪيئن ڪجي؟ ڳوٺ وارن جا مسئلا حل ڪيئن ڪجن؟ جيڪڏهن 50 مان 5 پڙھيل لکيل شاگرد پنهنجن ڳوٺن ۾ مفت ٽيوشن سينٽر کولين ته ڪافي ڳوٺ جي شاگردن کي مفت تعليم ملندي ۽ اهي رولاڪين کان بچي پوندا، ٿيڻ ته ايئن گھرجي ته سڀني سلجھيل نوجوانن ۽ ماڻھن کي جديد دور ۾ ڳوٺن کي ترقي وٺرائڻ گھرجي، ڪاش ان فارمولي تي ھر پڙھيل لکيل ۽ سنڌپرست سوچي ۽ ان تي عمل به ڪري.

ظھور ميمڻ /ڳوٺ سيدپور شريف، اوٻاوڙو

ڪجھه مسئلا ئي

حل ڪيا وڃن ها!

ملڪ ۾ مھانگائي ايتري ته وڌي وئي آھي جو غريب انتهائي مرڻ جھڙن ڏکن ۽ پريشانين ۾ گذاري رهيو آهي، مھانگائي کاڌ خوراڪ جي شين جي ھجي يا ڀاڻ ۽ ٻج جي، تيل يا گئس جي، بس عوام جو رت چوسڻ ۾ حڪمرانن ڪا ڪسر ناھي ڇڏي. ابتو عوام جي دل آزاري واريون صلاحون ٻڌڻ لاءِ ٿيون ملن. حڪومت ٺھڻ کان پوءِ حڪمرانن اعلان ڪيا ته غريبن کي مفت گھر ۽ ٻيون سھولتون ڏئي نئون پاڪستان ٺاھيندا پر ھتي ته ھر ڪم ابتو ٿي ويو آھي. ھاڻي حڪومت جا نمائندا ڪيل اعلانن جا ضد پيش پيا پيش ڪن، جيئن غربت ھٽائينداسين، مهانگائي ڪنداسين، تيل لاهينداسين، اڳيون نور به وڃائينداسين، نئون ملڪ ٺاهينداسين، پراڻي جون پاڙون پٽينداسين، غريبن کي گھر ڏينداسين، پراڻا اجھا به ڊاهينداسين. روزگار وارن کي بيروزگار ڪنداسين. خوشحالي آڻينداسين، اڳيون نور به ڦٽائينداسين وغيره وغيره. وفاق ته وفاق پر سنڌ حڪومت به ويندي ويندي آخري وقت ۾ وزيرن جون کليل ڪچهريون پي ڪرايون، ان کان اڳ سنڌ حڪومت ڪاٿي هئي، آخري دور ۾ پ پ کي عوام کان موٽ نه ملڻ واري سور ئي ڪچهريون ڪرايون نه ته سنڌ حڪومت اهو سمجھندي آئي هئي ته بس کين رڳو ووٽ ملي، ان کان پوءِ سنڌ واسي بيمارين يا ڇتن ڪتن جي وات ۾ ٿا وڃن انهن سان سندن ڪجھه نه وڃي. پيپلز پارٽي جيڪڏهن هن وقت تائين 100 سيڪڙو نه پر رڳو 30 سيڪڙو به عوامي مسئلا حل ڪري ها ته شايد سنڌ ايترن سورن ۾ نه هجي ها.

جعفر شنباڻي/ڪنب

اسان جي يوسيءَ جا مسئلا حل ڪريو!

يوسي امن راڄپر 3 ديهن واري فيض جي 2 وڏي آبادي رکندڙ يوسي آهي، ان جي باوجود هيءَ يوسي جديد دور ۾ موئن جي دڙو جو منظر پيش ڪري رهي آهي، جتي اڪثر روڊ جهڙوڪ امن وايا عثمان ملو، لوٺي وايا پيار علي سليم شاھ روڊ ۽ علي آباد وايا بصيرو روڊن تي گاڏيون ته پري ماڻهو به پنڌ نٿا هلي سگهن، اليڪشن دوران چونڊيل نمائندا وڏا واعدا ڪري اليڪشن کٽڻ کان پوءِ اهي واعدا دفن ڪري ڇڏيندا آهن. هتان جو واحد گذر سفر زراعت آهي پر افسوس ڪرپٽ ايريگيشن عملدارن جي مهربانين ۽ پڇڙي هجڻ سبب هتان جي آبادي ۽ آبادگار ڏڪار جو شڪار آهن، مٺو پاڻي فصلن لاءِ ته ٺهيو پر انسانن ۽ چوپاين لاءِ به ميسر ناهي. جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، WHO ٽيم ڪجهه مهينا اڳ هتان جي جر جي پاڻيءَ ۾ سنکيو هجڻ ڪري صحت لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو هو، جنهن جي ڪري هتان جا اڪثر ڳوٺاڻا ڪاري ڪامڻ، گردن، دل ۽ مختلف موذي مرضن ۾ ورتل آهن. ف ليگ 20 سالن کان هن تڪ تان کٽيندي آئي آهي پر افسوس پنهنجي ووٽرن کي ٽڪي جيتري به ڪا سهولت ناهي ڏياري. هتان جي ڳوٺن وچان گئس پائيپ لائين لنگھي ٿي پر اها سهولت هتان جي رهواسين لاءِ اڻلڀ آهي. تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۾ نادرا آفيس نه هئڻ ڪري هتان جا رهواسي ڏورانهن علائقن ۾ سڃاڻپ ڪارڊن لاءِ ڌڪا کائين ٿا، نياڻين جي تعليم لاءِ ڪو به الڳ پرائمري توڙي هاءِ اسڪول ناهي، منهنجي چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميه کي اپيل آهي ته يوسي امن راڄپر جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي. اسان به توهان جي پارٽيءَ کي ووٽ ڏنا آهن ۽ اسان ڪيترن ئي سالن کان توهان جي پارٽيءَ کي چونڊون کٽرائيندا پيا اچون،

ظهير احمد شر/امن چودڳي