فيض آباد ڌرڻي جي ذميوار حڪومت قرار، فيض حميد کي ڪلين چٽ ملي وئي

0
45
فيض آباد ڌرڻي جي ذميوار حڪومت قرار، فيض حميد کي ڪلين چٽ ملي وئي
فيض آباد ڌرڻي جي ذميوار حڪومت قرار، فيض حميد کي ڪلين چٽ ملي وئي

فيض آباد ڌرڻي جي ذميوار حڪومت قرار. فيض حميد کي ڪلين چٽ ملي وئي، انڪوائري ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 22 نومبر 2017ع تي تڏهوڪي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فيض حميد کي معاملو حل ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو

149 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي پاليسين ۾ خامين  سبب فيض آباد ڌرڻي جهڙا واقعا ٿين ٿا، پاليسي سازن کي فيض آباد ڌرڻي من سبق سکڻ گهرجي

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اڳوڻي آءِ جي اختر علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني انڪوائري ڪميشن جوڙي وئي، جنهن ۾ اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم ۽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو سينيئر آفيسر خوشحال خان به شامل هئا

 ذريعن موجب انڪوائري ڪميشن فيض آباد ۾ تحريڪ لبيڪ ڌرڻي جي محرڪن جو جائزو وٺي سفارشون تيار ڪيون، رپورٽ ۾ اسلام آباد پوليس، گهرو وزارت، پنجاب حڪومت، آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي تي روشني وڌي وئي، قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير زاهد حامد بابت معاملن جا تفصيل به شامل

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنرل فيض حميد کي معاهدي تي صحيح ڪرڻي هئي، تڏهوڪي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ،  جنرل فيض حميد کي معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، تڏهوڪي وزيراعظم شاهد خاقان ۽ گهرو وزير احسن اقبال به فيض حميد جي دستخط تي اتفاق ڪيو

 رپورٽ ۾ ڪميشن نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ويو ته پوليس جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم ۾ موجود ڪمزورين کي به سامهون آڻڻ گهرجي

 پاليسي ٺاهيندڙن کي فيض آباد ڌرڻي مان سکڻ گهرجي، حڪومتي پاليسين ۾ خامين سبب فيض آباد ڌرڻي جهڙا واقعا جنم وٺن ٿا.پنجاب حڪومت ٽي ايل پي مارچ کي لاهور ۾ روڪڻ بدران اسلام آباد وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن سبب جاڙن شهرن ۾ پوليس رابطن جي فقدان سبب  ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا