سوال/سروي وڏيرا ۽ پوليس ماڻهن جي اغوا ۾ ملوث قرار، ڊيل بعد آزادي جو عدالتن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي: عوام

0
460

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪرمپور ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ چڱن مڙسن ذريعي ڊيل جي نتيجي ۾ 2 مغوي آزاد ڪرايا ويا، پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ ٿيل ان ڊيل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڌاڙيلن کي وڏيرن جي پٺڀرائي حاصل هوندي آهي، پوليس وڏيرن آڏو بيوس آهي، ان ڪري ڊيل ڪئي ويندي آهي، ماڻهن جي اغوا ۽ آزاد ٿيڻ ۾ ٽئي ملوث آهن، ڏوهه وڏيرا ۽ پوليس وارا ڪرائن ٿا، حڪومت کي ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، عدالتن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالغني کوسو لکيو ته جڏھن کان پوليس ۾ سياسي مُداخلت اچي وئي اُن ڏينهن کان پوليس ڪمزور بڻجي وئي آھي نتيجا اوهان جي سامهون آھن ته ڏوهارين سان به ڊيل ٿئي ٿي.امداد بلوچ لکيو ته پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ڳٺ جوڙ ڳچ عرصي کان وٺي جو سلسلو آهي، جيڪو هلندو پيو اچي، پوليس ۽ ڌاڙيل وچ ۾ ڊيل جو خاص سبب علائقي جا ڀوتار ئي آهن جيڪي پڻ اهڙين ڊيلن کان فائدو وٺندا پيا اچن ۽ ان جو مکيه ڪارڻ پوليس جي رٽ ڪمزور هجڻ آهي، غفار لغاري لکيو ته مغوي ھميشه ڊيل ۽ ڏيتي ليتي وسيلي ئي آزاد ٿيندا رھيا آھن، پريم راٺوڙ ڪولهي لکيو ته ڌاڙيل پوليس ۽ وڏيرا پاڻ ۾ مليل آھن سنڌ حڪومت کي ڪا عملي پاليسي جوڙڻ گھرجي. محمد الهيار لکيو ته ان معاملي تي عدالتن کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته سدائين ڊيل ٿيندي رهندي آهي، غلام قادر مريداڻي لکيو ته تر جي چونڊيل نمائندن جي آشيرواڌ سان سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي پوليس به ان ۾ برابر جي شريڪ آهي، زاهد علي منگي لکيو ته پوليس ۽ ڌاڙيل ٻٽ بڻيل آهن، اي جي بلوچ لکيو ته پوليس وڏيرن آڏو مجبور آهي، مقبول چارڻ لکيو ته پوليس ۽ وڏيرن جي اها ڪمائي آهي. شنڪر باغي لکيو ته پوليس ۽ ڌاڙيل سڀ مليل آهن، جاويد جبار لکيو ته سنڌ ۾ 13 ورهين کان پ پ جي حڪومت آهي، عرفان علي مهر لکيو ته چئبو ته ڏوهاري ايترا بااثر ٿي ويا آهن جو پوليس مقابلو ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿي، خادم گهراڻو لکيو ته ڊيل ڪا نئين ڳالهه نه آهي انهن جي باري ۾ اخبارن پڙهبو آهي جڏهن به ڪو اغوا ٿيندو آهي ته ڊيل وسيلي آزادي ماڻيندو آهي، محمد رفيق بلوچ لکيو ته اها نئين ڳالهه ناهي اهو سلسلو گهڻي وقت کان هلي پيو، ڌاڙيل وڏيرن جي اشارن تي آھن وڏيرا ئي انهن کي پناهه ڏيندا آهن پوليس به وڏيرن جي اشاري تي هلندي آهي. گل حسن شر لکيو ته ڊيل برابري بنياد تي ٿيندي آهي، برڪت علي پڻ سروي ۾ حصو ورتو، نورالله خان لکيو ته ڊيل مطلب ڪمزوري آهي پوليس ڪمزور ٿي وئي آهي، رزاق سهتو لکيو ته مغوي ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي ان جي معنيٰ ڇا آهي، سيد احمد شاهه لکيو ته سنڌ پوليس وڏيرن آڏو بيوس آهي. عصمت الله حسن لکيو ته ڌاڙيلن کي سدائين پوليس وارا پاليندا آهن پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، حمير گل سنڌي لکيو ته پوليس، ڌاڙيل ۽ وڏيرا سڀ پاڻ ۾ مليل آهن تنهن ڪري اهڙي ڊيل ٿيندي رهندي آهي، نماڻو نوناري لکيو ته ڊيل ڪامياب ٿي وئي مغوي خيريت سان موٽي آيا، سارنگ علي هليو لکيو ته سنڌ پوليس ڪمزور ٿي وئي آهي، پوليس وڏيرا شاهي جي هٿ تي آهي سنڌ ۾ جيڪي به ڏوھ ٿين ٿا اهي وڏيرا ۽ سردار ٿا ڪرائين. اختر سنڌيار لکيو ته ڪشمور ۾ سدائين ايئن ٿيندو آهي، ڪجهه هفتا اڳ ڪوڙي آپريشن ۾ ٻه ماڻهو آزاد ڪرايا ويا، غلام قادر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ذوالفقار خاڪي لکيو ته حساس معاملو آھي مغوي گھرن کي پھچن انساني احساسن کي خدا ڪري ڇيھو نه رسي، پوليس وارا معاشري جو حصو آھن پگھارن ۾اضافو ضروري آھي، عاشق حسين لکيو ته ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ ڊيل نئين ڳالھه ڪونھي، نور احمد کوسو لکيو ته پوليس خود پاٿاريدار بڻيل آھي، آپريشن جي نالي تي ڊرامو ڪيو ويندو آهي، خالد ميمڻ لکيو ته افسوس ۽ ڏک جو مقام آھي ته پوليس ڌاڙيلن کي پڪڙي نه ٿي سگهي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ ڊيل ٿي ڪري، بخش علي مهر لکيو ته قانون ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ٿو وڃيم جبار لغاري لکيو ته اغوا به ڀوتار ڪرائندا آهن ڌاڙيلن جا سهارا به ڀوتار وڏيرا ۽ سردار ھوندا آهن، عبدالله ميراڻي لکيو ته ڌاڙيل پاليل ئي چڱن مڙسن جا هوندا آهن، تسليم چانڊيو لکيو ته سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ايم عشرت بروهي لکيو ته اهو ڪاروبار آهي، ساگر علي رضا لکيو ته پوليس ڌاڙيلن سان مقابلو نٿي ڪري سگهي پوءِ ظاهري آهي ته ڊيل ڪندي. مير ڀٽي لکيو ته علائقي جي ڪجهه ڀوتارن جي خاص پوليس وارن کي بدلي ڪيو ويو هو جنهن تي بدامني شروع ٿي، شمس الدين رند لکيو ته ان مان ظاهر آهي ته پوليس کان ڌاڙيل طاقتور آهن، مولائي اسد ماڇي لکيو ته سنڌ کي وڏيراشاھي ته تباهه ڪيو آهي، شهاب جمالي ۽ ايم يوسف لغاري لکيو ته منهجي نظر ۾ اهيو بهترين فيصلو آهي، جنيد زرين لکيو ته حال توهان پاڻ ڏسو ٿا،شيراز چانگ، ممتاز سميجو، سڪندر بلوچ، موهن لال، شبير ڀوت، خاموش خليل شر، سينگار علي، مسرور شر، اسلم سومرو، منظور زرداري، سليم اختر، شبير سهتو به ماڻهن جو اغوا ٿيڻ ۽ بازياب ٿيڻ کي پوليس، ڌاڙيل ۽ سردارن جو ڳٺ جوڙ قرار ڏنو.