رمضان ۾ پاڙيسرين تي به نظر ڪجي!
رمضان ڪريم رب پاڪ طرفان رحمتن، برڪتن، مغفرت ڀريو تحفو آهي، هر سال جيان هن سال به اسان گنهگارن کي نصيب ٿيو آهي، هن مهيني جي جيتري فضيلت بيان ڪجي سان گهٽ آهي رب ڪريم هن مهيني جو شان ۽ مان ٻين مهينن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو مٿانهون ڪيو آهي، مهربان ساٿيو بس هڪ ٻي ننڍڙي گذارش جيڪا توهان خدمت ۾ کڻي حاضر ٿيو آهيان ته اسان جي سماج ۾ مختلف طبقن جا ماڻهو پنهنجي زندگي بسر ڪري رهيا آهن، هاڻي انهن منجهان ڪجھ صاحبِ حيثيت پڻ آهن، مالڪ ڪريم انهن کي ججھو عطا ڪيو آهي، جيڪڏهن مالڪ ڪريم توهان کي ڏيڻ وارن مان ڪيو آهي ته آسپاس ضرور نظر ڪجو، توهان کي تمام گهڻا ماڻهو نظر ايندا جيڪي ضرورتمند هوندا، انهن جا به بچڙا فرمائش ڪندا هوندا ته اسان جي دسترخوان تي به مختلف ميوا هجن، انهن جون خواھشون ۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ جي جيڪڏهن ڪوشش ڪجي ته ڪيڏو نه ڪمال ٿي ويندو. اسين ڪري سگهون ٿا جيڪڏهن پنهنجي دسترخوان تي هڪ شيءِ گهٽ ڪري پاڙيسرين کي مهيا ڪيون، جيڪڏهن ٻه شيون آهن ته هڪ ڪريون، عزيزو اسان ڪري سگهون ٿا ۽ اها ئي اصل زندگي آهي، هن ڀلاري مهيني ۾ اچو ته هڪ ٻئي جي چهري تي مرڪون آڻيون. مالڪ ڪريم اسان سڀني کي حفظ و امان ۾ رکي.
مزمل حليم مهر/ مبارڪپور، جيڪب آباد
اوهان جي ڳالھه ڪريان ٿو ته پيرُ ماري ٿو!‎
ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته “جيڪڏهن تحرڪ آھي ته زندگي آھي ۽ جي خاموشي آھي ته موت آھي.” مون جهڙو اڪثر نوجوان طبقو صرف ڳالهين تائين محدود آھي، اڪثر نوجوان “نيٺ ته ٿيندو سوجهرو رهڻي ناهي رات”  جي نعري پويان لڪل آهن ۽ ڪا جاکوڙ نٿا ڪن، نوجوان اهو وساري ٿو ڇڏي ته ڪٿي به انقلاب سکڻن نعرن سان نه پر عملي جاکوڙ سان ايندو آھي، ڪٿي ظلم ٿيندي ڏسي ٿو ته صرف هڪ ڏينهن بيان ڏئي پوءِ بس، سنڌ ۽ ڌرتيءَ جي ماروئڙن، پنهنجي ڳوٺن، شھرن توڙي آسپاس ۾ سوين مسئلا ڏسندي به انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو ٿي وڃي ٿو. سوين ناانصافيون، ظلم ۽ بنيادي سهولتون نه هئڻ ڪري ڳوٺ جي وڏيري کان ويندي، تڪ جي نمائيندي توڙي ڪاموري اڳيان ڪا به ٻڙڪ ٻاهر نٿو ڪڍي. ابن ڏاڏن کان غلاميءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل نوجوان طبقو اهو سوچي ماٺ ڪري ويهي ٿو ويهي ته سندس آواز اٿارڻ سان سندن اباڻن توڙي ڏاڏاڻن وارا ذاتي، سياسي ۽ سماجي واسطا خراب ٿيندا پر ڌرتيءَ تي اهڙا دلير پٽ به آھن جيڪي ناانصافين تي تڙپي اٿن ٿا، ٻين تي ٿيندڙ ظلم ۽ ساڻن ٿيل ناانصافيءَ کي هو پنهنجو درد سمجهن ٿا، پاڻ ظلم ۽ بربريت ڏسن ٿا ته  کين ضمير جنجهوڙي ٿو. پاڻ ڌرتي جي انگن، نگن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ سندرا ٻڌي بيهن ٿا، پاڻ سوين ڏکيائين هوندي به ضمير کي جيئرو رکي سونهن سڪ، سچ ۽ سنڌ جا غلام بڻجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ پتوڙيندا رهن ٿا، بقول سرڪش سنڌي جي ته:
اوهان جي ڳالھ ڪريان ٿو ته پير ماري ٿو،
ملئون، سيٺ، وڏيرو ۽ وزير ماري ٿو،
جي ڪريان ٿو تن جي خوشامد سر بچائڻ لئه،
خدا گواھ آ “سرڪش” ضمير ماري ٿو.
غلام علي گل ٻجورو/سجاول
ٽنڊو حافظ شاهھ جون سُرندڙ اسڪيمون!‎
يوسي ٽنڊو حافظ شاھ ضلعو ٺٽو 2010ع جي مھاٻوڏ ۾ ھي علائقو مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو هو، ان کان پوءِ ھتي ڪامورا شاھي ۽ انتظاميا جي ڄڻ لاٽريون کلي ويو، ايريگيشن سيسٽم، روڊس، تعليم، يعني اسڪول واٽر سپلاءِ کي تباھ ٿيل ڏيکاري صرف ڪاغذي ڪارروائي ڏيکاري ڪروڙن رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي. سرزمين تي ڪاريءَ وارا ڪک آهن، انھن مڙني اسڪيمن مان صرف ھڪ ٽنڊو حافظ شاھ کان وايا حاجي رمضان دل 15 ڪلوميٽر روڊ ٺھي پيو، ان جا به ٻه ڀيرا پئسا کاڄي چڪا آھن، 2019ع ھن روڊ جو ٽينڊر 18 ڪروڙن رپين جو جاري ٿيو، ڪم 2020ع جي آخري مھينن ۾ شروع ٿيو، ڍڳو پير پيران ھلي پيو، 6، 7 مھينن ۾ مڪمل طور تي 5 ڪلوميٽر به روڊ ٺھي ناھي سگھيو، جيڪو ٺھيو آھي تنھن ۾ به ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، وڏي ڳالھ ته ٺيڪيدار ۽ انجنيئرز جون چالاڪيون به ڏسڻ وٽان آھن، جيڪو انڌو منڊو روڊ ٺھيو ان ۾ جيڪي پلون اچن ٿيون انھن مان ھڪ به ناھي ٺھي، ٺيڪيدار جو چوڻ آهي ته روڊ مڪمل ڪري پوءِ پلون ٺاھينداسين، ڄاڻي واڻي ڍرَ ڪئي پئي وڃي، سندن چالاڪيءَ جي خبر آھي ته ھي ڪرڻ ڇا ٿا چاھين، انھن جي نيت ۾ کوٽ اھا آھي جولاءِ ۽ آگسٽ ساوڻ جي برساتن جيڪري ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ھوندي آھي، سندن دلي خواش آهي ته من سنڌ ۾ ٻوڏ اچي ته ھي ڪروڙون رپيا سيلاب جو سبب ڄاڻائي هڙپ ڪري وڃن، ٽنڊو حافظ شاھ جو عوام اعليٰ اختيارن کان گھر ٿو ڪري ھن سست رفتار سان ھلندڙ روڊ جي ڪم جي جاچ ڪري ٺيڪيدار ۽ انجنيئرز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ايم اسماعيل دل/ ٽنڊو حافظ شاهه
تباهه ٿيل سنڌ جي صحت!
سنڌ کي موجوده حڪمرانن صرف بربادي کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، سنڌ جي صحت کاتي ۾ تباهي جو ذڪر ڪجي ته تمام گهڻو آ پر مختصر شروعات وڏي وزير جي تڪ ڀان سيد آباد کان ڪجي جتي دوائن جي شديد کوٽ، ان کان سواءِ اسپتالن ۾ عملو ناهي، ھاڻ جيڪڏهن سنڌ جي وزير اعليٰ جي تڪ جو اھو حال آ ته باقي سنڌ جي حصن جي صورتحال ڇا ھوندي، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ان کان سواءِ سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪُتي جي چڪ جي ويڪسين موجود ناهي، جي ڪنهن حصي ۾ ويڪسين موجود آهي ته به غريبن مسڪينن لاءِ ويڪسين ڏکي آهي ويڪسين حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي ڏکيائيءَ سان منهن ڏيڻو ٿو پوي، ڇو ته ڪتي جي چڪ جي ويڪسين ڪرائڻ سان حد جو سرٽيفڪيٽ ھجڻ لازمي آهي، ھاڻ سرٽيفڪيٽ ھڪ ھنڌان ملندو ته ويڪسين ٻئي ھنڌ ملندي يا سرٽيفڪيٽ ڪڍڻ لاءِ ڪنهن مھل ڊاڪٽر موجود ناهي يا اسپتال کي موڪل آهي، غريب تمام ڏکيائين کي منهن پيو ڏي، اڪثر سنڌ مان جيڪا شڪايت اچي پئي اھا هيءَ ته سرڪاري اسپتالن ۾ عملي جو رويو درست ناھي، مريضن سان انتھائي غلط طريقي سان پيش اچن ٿا، ان کان سواءِ اسپتالن ۾ ايمبولنس ته بلڪل به نٿي ڏني وڃي، ايمبولنسز به ڪرپٽ ڪامورا پنهنجي جلسن جلوسن ۾ استعمال ٿا ڪن، جن عوام جي ووٽن تي حڪمران ان منزل تي پھتا آھن اھو عوام بک ۽ بدحاليءَ جھڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آھي پر اقتدار ۾ ويٺل ڪامورن کي سنڌ جي حال تي ڪو به رحم نٿو اچي، ان باوجود به اسان وقت جي حڪمرانن کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ صحت جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
خواجا صدام سنڌي/احمدپور ڪنگري
غريب عورتن سان آخر ظلم ڇو؟
ڳڙھ حسن ڀرسان ڪريم بخش کوسو ۾ احساس ڪفالت جي ايجنٽن پاران مستحق عورتن جي قسط مان 500 کان 1000 رپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، فنگر لڳرائي پئسا نه اچڻ جو جواز ڄاڻائي لکين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن، مستحق عورتن احتجاج ڪيا، مستحق ۽ غريب عورتن پاران سينٽر جي ايجنٽس کان پوري رقم گهرڻ تي مختلف جواز ڄاڻائي هر روز موٽائي ڇڏيم ٿا، مسڪين ۽ غريب عورتون ڳرا ڪرايا ڀري سينٽرن تي اچن ٿيون، هنن ڊائريڪٽر احساس ڪفالت لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي آهي ته سينٽر جي ايجنٽ جي اهڙي بيواجبيءَ جو نوٽيس وٺي مستحق عورتن کي ملندڙ قسط جي مڪمل رقم ڏياري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن 
ريٽائرڊ ملازمن جون ڪهڙو ڏوهھ آ؟
ڪجھ وقت کان سنڌ جا ريٽائرڊ ملازمن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حقن لاءِ احتجاج ڪيا، ڌرڻا هنيا پر افسوس پ پ چيئرمين ۽ وزير اعليٰ سنڌ سميت ڪنهن وسوارن ادارن تائين هنن جو آواز نه پهتو، جو انهن جي جائز مطالبن کي مڃي ريٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ۽ بينيوئل فنڊ ڏنا وڃن، پ پ چيئرمين، وزير اعليٰ، سنڌ ۾ اوهان جي حڪومت آهي، پيپلزپارٽي ته هميشه هارين، غريبن ۽ مظلومن جو ساٿ ڏنو آهي، ڇا هي ريٽائرڊ ملازم سنڌ جا ناهن ڇا، انهن جو حق کين ڏيڻ ۾ ڪهڙي رنڊڪ آهي، خدا جو خوف ڪيو ريٽائرڊ ملازمن جو سهارو بڻجو، هي وڏي عمر ۾ اڇي ڏاڙهي ۾ گرمي جي موسم ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڃي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ آواز بلند ڪندا ٿا وتن پر افسوس کين خالي دلاسا به نٿا ڏنا وڃن، جيڪي سياسي ليڊر عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ڏئي ووٽ وٺي ويندا آهن. وزير اعلي سنڌ انهن کي اوهان پنهنجو حق ڏيڻ ۾ ايترا خاموش ڇو آهيو؟ ڇا اوهان چيف سيڪٽريري سنڌ، سيڪٽريري فئنانس، ۽ ٻين ادارن جي هنن ريٽائرڊ ملازمن جا فنڊ اشو ڪندڙ ادارن کان پڇي نٿا سگهو ته هنن کي ڇو گروپ انشورنس ۽ ٻيا فنڊ نٿا ڏنا وڃن؟ پڇو انهن کان ته هنن جا پئسا ڪير ٿو کائي جو ريٽائرڊ ملازمن کي پنهنجو حق نٿو ملي. سنڌ جا واڳ اوهان جي هٿن ۾ آهي اوهان جي حڪومت آهي اوهان انهن کي جائز حق وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
مظفر شبير بوزدار / بوزدار وڏا
بدلي ٿيل استادن سبب اسڪول بند ٿيڻ لڳا!
سموري سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کولڻ لاءِ وڏي انگ ۾ استاد بدلي ڪيا ويا آھن، ٿرپارڪر ۾ ايئن ئي 129 استادن جون بدليون ڪيون ويون آھن، جيڪا لسٽ بدلي لاءِ ٺاهي وئي آھي ان ۾ ڏيپلي جي لسٽ سياسي بنيادن تي ٺاهي وئي آھي، جنهن ڪري کليل اسڪول به بند پيا ٿين ۽ ٻارن جي پڙھائي متاثر پئي ٿئي، هڪ اڳ ئي استادن جي کوٽ ۽ ٻيو وري انهن جي بدلي سبب تعليم تباهه ٿي رهي آھي، ان ۾ ڳوٺ جڳهاري بجير مان ٻه ٻيا اسڪول کولڻ بهاني ٻه استاد بدلي ڪيا ويا، اسڪول ۾ 80 کن پرائمري جا ٻار ۽ 52 مڊل اسڪول جي ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آھي. استاد مڪيش سوٽھڙ کي روهل ۽ اسماعيل کي لاڪوڙي بدلي ڪيو ويو. بند اسڪول کولڻ بهاني سياسي بنيادن تي هلندڙ اسڪولن جي استادن کي بدلي ڪري انهن اسڪولن جي تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي. هتان جي ڳوٺاڻن سان آفيسرن جي ڪهڙي دشمني هئي جو استاد بدلي ڪيا ويا آھن ۽ اسڪول تباهه ڪيا پيا وڃن. استاد صرف انهن اسڪولن جا بدلي ڪيا ويا جتي استاد سٺي تعليم ڏئي رهيا هئا، اسان وزير تعليم سعيد غني، ضلعي ٿرپارڪر جي انتظاميه کان مطالبو ٿا ڪيون ته ٿا سياسي بنيادن تي  ڳوٺ جي بدلي ڪيل استادن جي بدلي واپس ڪري ڳوٺ جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچائي وڃي.
اعجاز جان بجير/ٿرپارڪر
ڊگهو نظم!
حقيقت ۾ اهو سڀ خيال، الڳ لهجي جي جڙاءَ، ٻولي ۾ ذرخيز ڪِرڻو وغيره تي ٻڌل شاعري هوندي آھي! باقي سٽن جو اولڙو يا اهو هڪڙو فارميٽ آھي، جنهن تحت اندر جا خيال اٻڙڪا ڏئي ٻاهر نڪرندا آھن! نظم جيترو ڊگھو هوندو ان ۾ غير مبھم جوئي جا لاڙا به هوندا آھن، لفظن جو پرپيچ خيال به اچن وڃن ٿا، شاعري ۾ ڪڏهن ٻوڙ هاريل سٽون به سيندور جون سلامتون ٿي پونديون آھن، هر شاعر لاءِ اهو ٿي سگهي ٿو ته هوءِ جيتري جٽادار شاعري ۾ لنڱ کي شعلو ڪري گرمائيندو اوترو ئي هو غيرهموار راھ تي به ٿڙندو، شاعر صرف شاعر هوندو آھي باقي ٻيون خفتي ماجرائون اسان پاڻ پيا پيدا ڪندا آھيون. غزل جي ظاهر ظهور واري ٽيڪاٽپڻي جي حساب نظم کي ڪيئي رديف ۽ ڪيفي قافيا ايندا آھن، ڀلي پوءِ توهان ڇو نه آزاد نظم جي ڳالھ ڪريو؟ آزاد ڊگهو نظم جنهن ۾ خيالن کي بنھ سولائي سان اظھاري سگهبو آھي، اهو اڄ جي ماحول ۾ سنڌ مان بلڪل نڪري ويو آهي. لکجي ته پيو پر اها صلاحيت ناهي جيڪا اڳ ۾ هئي. آزاد نظم ۾ نئين ڪويتا جو جُز ڦٽل آھي، جنهن ڪري پوريل ڪيئي خواب ڇرڪ کائين ٿا پر لڳي ايئن ٿو ته اهو نئين ڪويتا وارو گهوڙو نظم به پنهنجيون ٽاپوليون وڃائي ويهي رهندو. نظم ڪافي وڏا لکبا آھن، اڪثر نظم انقلابيت جو سڏ هوندا آھن، جن مان ڪارو نانگ پريان رڻ ڪنڌي تي بيٺل هوندو آھي ۽ انقلاب وچان لنگهندو رهيو آھي، وري به ڏنگ لڳندا رهيا ۽ ڪيئي نظم جيئري تڙپ جيان مرندا رهيا آھن. ڊگهو نظم صرف پابند نظمي فارميٽ ۾، بنھ گهڻو طوالت ۾ نه ايندو آھي، باقي انهي کي ڪيترو وڌائڻو آھي، اهو شاعر تي ڇڏيل آھي. غير پابند نظم ۾ طوالت سهڻي لڳندي آھي.
ڪيلاش ميگهه/ٿرپارڪر

سنڌ جي تهذيب !
سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي عظمت تي بجا ناز آهي، تاريخ جي وقتن ۾ حقيقت سمايل آهي ته سنڌ اصل کان ئي تهذيب ۽ تمدن، ادب، ڪلچر، صنعت ۽ حرفت، تجارت ۽ ڪاريگري جو مرڪز رهي آهي، اها سنڌ جي زمين آهي، جنهن انسانذات کي رهڻ سيکاريو ۽ زندگي گذارڻ جو فن سيکاريو. انساني تهذيب جي ارتقا هن ئي زمين تان ٿي. قديم آثارن جي ماهر مسٽر آر جي بير چيو آهي ته “تاريخ جي دور کان گهڻو اڳ هن ملڪ جي هنج ۾ انساني تهذيب ۽ تمدن جنم ورتو.” ڊاڪٽر نوحا ايس ڪريمر لکي ٿو ته “بيشڪ تهذيب ۽ تمدن جو سرچشمو جنهن مان سڄي دنيا سيراب ٿي، علم ۽ عرفان جي وسعت ۾ قدم رکندي اڳتي وڌندي وئي سا هن تاريخ جي مهر سان آهي، جنهن کي “وادي سنڌ” سڏيو ويندو آهي.” قديم بابلي ادب ۽ تاريخ ۾ سنڌ کي “سج اڀرڻ جو ديس” سڏيو ويندو آهي. مورخ سنڌ جي شهرن جي تصوير هن طرح چٽين ٿا ته “هن شهر ۾ هر طرف سک سانت ۽ امن امان آهي، هتي ڪو به طاقتور ڪنهن به ڪمزور کي ڪو اهنج نٿو رسائي سگهي .هتي ڪو به پوڙهو پاڻ کي پوڙهو نه ٿو سڏائي ۽ هت ڪا به پوڙهي زال پوڙهي نه ٿي چوائي، هتان جون نينگريون گهٽين ۾ گندو پاڻي نه ٿيون هارين، هتي ڪو به يتيم ناهي، ڪا به بيوهه زال ناهي، هتي ڪو به شخص بيمار نه ٿو گذاري، ڪنهن کي مٿي جو سور يا اکين جو آزار نٿو ٿئي، هت مرثيو پڙهڻ وارو ڪونهي، نڪي پروهت کي ميرا ڪپڙا پائي ڳوڙها وهائڻا پون ٿا.
منون ياديو/ ڳوٺ سيد علي نواز شاهه، ميرپورخاص 
منھنجو حصو مون کي وڍي رھيو آھي!‎
ڪو واڍو جڏھن ڪنھن وڻ کي وڍي رھيو ھو ته ان وقت اھو وڻ روئي رھيو ھو، واڍي حيرانيءَ مان وڻ کان پڇيو تون روئين ڇو پيو؟ تنھن تي وڻ وراڻيس ته يار تون ته آھين واڍو، توتي ميار ناھي پر ڏک ان ڳالھ جو آھي ته جنھن ڪھاڙي کي تون ھٿن سان جھلي مون کي وڍي رھيو آھين ان جو ڳن منھنجو ئي حصو آھي، منھنجو حصو مون کي وڍي رھيو آھي، جنھن ڪري آئون روئي رھيو آھيان. سو ڳالھ اھا ته ھيءَ سنڌ به اڄ روئي رھي آھي، انھن تي جيڪي سنڌي سڏائي سنڌ امڙ جي حقن تي ڌاڙو ھڻندا رھن ٿا ۽ جيڪي وري سنڌ جو ڀرجھلو سڏائيندڙ ڏيکاءَ طور چوياري ۾ قوم جو درد محسوس ڪرائي باقي رئيسن جي چمچاگيري ڪندا رھن ٿا، جيڪي ڄڻ قلم پئسن تي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا. جيڪا ڪنھن ديس يا قوم سان نه پر علم، عقل، شعور جو سودو ڪري قلم وڪري ڪري ڇڏين ٿا ۽ قلم سان غداري ڪن ٿا. سنڌي قوم جي بس اھائي وڏي بدقسمتي چئبي جو جڏھن به سنڌ تي ڪي ڏکيا ڏينھن آيا آھن يا وري ھلائون ٿيون آهن تڏھن ڌارين سان گڏ ڪجھ پنھنجن جا به پيرا ڏسڻ ۾ آيا آهن. “سانگين سان گڏ سالڳ راھ ۾، وڇڙي ويس ته پوءِ ورتي آھيان، جيئي ديس ته ڌرتي آھيان.” (بخاري)
رياض امر ٻجورو/سجاول
سنڌ ۾ ٿيندڙ فسادن تي غور نه ڪريو!‎
عقيدو دنيا جو هڪ اهڙو انڌو اعتبار آهي جنهن تي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي به پرواهه ناهي ڪندو، اهو انسان حقيقت پسند ناهي هوندو، اهو سئين سڌي ڌر وٺي بيهندو آهي، ڀلي اها ڌر غلط هجي. اڄ جيڪي سوشل ميڊيا تي تصويري واويلا ٿي رهي آهي اها سنڌ جو قديم شهر موئن جي دڙي تي رکيل ڪنگ پريسٽ جي جنهن کي ڪجهه عقل جا انڌا انسان ڀونڊا ڏئي رهيا آهن، اصل اهي ان بت کي ڀونڊا نه پر پنهجي ڪردار کي ڀونڊا ڏئي رهيا آهن، انهن جي اهڙي حرڪت تي انهن جي اصلي چهرو عوام اڳيان اچي ويو ته هو ڪهڙي ڪردار جا ماڻهو آهن پر هاڻي اسان انهن انسانن جي ڳالهه ڪنداسين جيڪي هروڀرو ان تصوير کي مشهور ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ اهي به انسان آهن جيڪي چئي رهيا آهن ته اهو ڪنگ پريسٽ اسان جي سڃاڻپ آهي ۽ اهڙي ڪم تي مذمت ڪجي ٿي، ڪجهه وري چئي رهيا آهن رب ڄاڻي ۽ رب جو بندو هاڻي، ڳالهه اها سمجهه ۾ نٿي اچي ته نوجوان نسل اسان مان ڇا حاصل ڪندو؟ توهان ننڍڙن ذهنن ۾ اها ڳالهه رٽائي ڇڏيو ٿا، خدارا سنڌ ۾ اهڙا فساد نه ڦهلايو، اسان جي سنڌ کي اهڙن فضول ڳالهين مان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو، توهان نوجوان نسل کي ڪجهه تعليم، نيون ٽيڪنالاجيون آن لائين مفت ۾ ٿيندڙ ڪورس ٻڌايو، جنهن مان نوجوانن کي فائدو پهچي ۽ ڪجهه درگذر ڪرڻ به سکو.
سجاد جوڻيجو/ ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ڏوڪري
ڪجهه ڪوتاهيون اسان ۾ به آهن!
2010ع جي مهاٻوڏ ۾ سجاول ضلعي ۾ سورجاڻي بند کي گهارو پيو ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، آباديون تباهه ٿيون، سجاول جا اڪثر روڊ رستا ٽٽي ويا، اسڪولن جون عمارتون ڊهي ويون، مسڪينن جا جھوپڙا جهري ويا ۽ وڏو نقصان ٿيو. ٻاهرين دنيا سٺو سهڪار ڪيو، سرڪار به وس آهر ماڻهن جي مدد ڪئي، اڪثر ماڻهو وري پنهنجي ماڳن تي پهتا ۽ جياپي لاءِ جنگ جاري ڪيائون. عالمي بئنڪ ۽ ٻين ادارن جي مدد سان روڊ رستا ٺهيا، اسڪولن ۽ ٻين جهريل جاين جي مرمتون شروع ٿيون، غريب ماڻهن جي مدد لاءِ مختلف اين جي اوز ڪم ۾ لڳي ويون، جن ڪري غريبن جي مدد به ٿي ته ڪجهه خراب اثر به پيا پر اھو هڪ الڳ بحث آهي. سرڪار وري ڪنھن نقصان کان بچڻ لاءِ عالمي ادارن جي مدد سان سورجاڻي بند جي مرمت ڪرائي ۽ ان کي اربين رپين پٿر جي پچينگ ڪرائي وئي، سرڪار پچينگ ته ڪرائي پر ان جي مالڪي نه ٿي جو اسان جا ادارا مڪمل تباهه آهن، بندن تي نه بيلدار ناهن نه مقدما، جيڪڏھن آھن ته به ڊيوٽي تي موجود ناهن، نتيجتن ماڻهن پچينگ مان پٿر ڪڍي پنھنجا گهر ٺاهڻ شروع ڪيا، دمدمي کان ٻيلو بنگلو تائين ڏسندا ته اوهان کي حيرت ٿيندي، جن ماڻهن جي بچاءَ لاءِ سرڪار اربين رپيا خرچ ڪيا انهن ماڻهن پنهنجي هٿن سان پچينگ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري وري به ڪو وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. اسين سرڪار نامدار کي اپيل ٿا ڪريون ته ھن طرف ڌيان ڏنو وڃي ۽ انهن ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جن پنهنجي ذاتي مفادن خاطر قومي نقصان ڪيو آهي، ساڃاهه وند ماڻهن کي به تحرڪ ۾ اچڻ گھرجي.
عبدالڪريم هالو/ ٻيلو، سجاول