سن_(ن پ ا) سن ۾ ٻه صديون قديم مندر جي ڀرپاسي والار شروع ٿي وئي آهي، اچ وڃ جو رستو به نه بچيو آهي. ان ڏس ۾ سن ۾ سنڌو درياھ جي ڪپ تي پراڻي زماني جي ٺھيل شوالو جي مندر جيڪا لڳ ڀڳ به سئو سال اڳ جو ٺھيل ٻڌجي ٿو، ھي مندر ھن وقت به تمام گھڻي مضبوط ۽ ساڳي حالت ۾ موجود آھي پر مالڪي نه ٿيڻ جي ڪري ھاڻ ان شوالو جي مندر جي اس پاس گھر ٺھي ويا آهن. رستو به ناھي رھيو. ھندن جي مذهب جي عقيدي موجب 3 خدا آهن ھڪ خلقيندڙ ٻيو پاليندڙ ۽ ٽيون ماريندڙ آهي. ھي ھندو مذهب جي عقيدي موجب آخري خدا شو جي نالي سان منسوب ٿيل آهي، چيو وڃي ٿو ته ھن شيوالي جي تعمير شو جي ھڪ پوڄاري حڪيم جھامنپوري ڪرائي هئي، مشهور ڳالهه آهي ته ان شيوالي جي تعمير ۾ اھڙو مثالو ۽ ڪاريگري ٿيل آهي جو کنوڻ جو به مٿس ڪو اثر نٿو ٿئي. ھي اڄ به پنهنجي اصلي جاءِ تي قائم آهي. ماضي ۾ جڏهن 1964ع ۾ سن کي درياءُ جي پائڻ سبب ٽيز پر لاءِ مٽي جي ضرورت پئي ته شيوالي ڀرسان مٽي کنئي وئي. کوٽائي دوران شيولي جو بنياد 20 فٽ کان ھيٺ ڏٺو ويو ھو، ان وقت ھن شيوالي کي ھم چورس تقريباَ 200 فٽ جو گرائونڊ به ھو پر ھن وقت رستو به ناھي بچيو. وس وارن کي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن کي گذاريش آهي ته ھن تاريخي مندر جي مالڪي ڪئي وڃي.