سوال/سروي … سنڌ ۾ منشيات جو وڪرو عام ٿي ويو، نوجوان نسل تباهه ٿيڻ لڳو، پوليس، چونڊيل نمائندا ۽ حڪومتي ماڻهو ذميوار آهن: عوام

0
303

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نشي جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي: ڇا اوهان جي شهر ۾ به منشيات وڪرو ٿي رهيو آهي ؟ ذميوار ڪير آهي ؟ ماڻهن کي نشي کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پوليس، چونڊيل نمائندا ۽ حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو منشيات جي وڪري جا ذميوار آهن، منشيات جي روڪٿام لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي،

شهرن ۾ منشيات جو وڪرو سرعام ٿي رهيو آهي، منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري منشيات واپرائيندڙن جي بحالي لاءِ انهن جو علاج ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن لکيو ته نشي کان ماڻھن کي روڪڻ لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس فورس کي شھرن ۾ مقرر ڪيو وڃي اھا منشيات ھاڻي ننڊن وڏن شھرن تائين پھچي وئي آھي اسان جي شھر ورڪشاپ ۾ آئيس جھڙو خطرناڪ نشو پھچي ويو آھي، گلزار ملاح لکيو ته سنڌ حڪومت منشيات جي وڪري خلاف سنجيده قدم کڻي ته منشيات جو وڪرو ختم ٿي ويندو، ان سان گهٽ ۾ گهٽ نئون نسل ته تباھ نه ٿيندو، باقي مراد علي شاھ جيڪڏھن واقعي به نشي جي عادي ماڻهن جي بَحالي چاهي ٿو ته ان سان ڇا ٿيندو؟ منشيات ته وري به موجود هوندي انڪري منشيات ۽ منشيات فروشن خلاف سنجيده قدم کڻڻ گهرجن. بابر وساڻ لکيو ته دوڙ تعلقي جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ منشيات فروشي بدامني چوٽ چڙهيل آهي جيڪا پوليس جي سرپرستي ۾ ٿيندي آهي نشي جي ڪري نوجوان نسل تباهه ٿيڻ لڳو آهي پر هتان جي انتظاميه سان گڏ والدين به ان برائي جا ذميوار آهن جيڪي پنهنجي اولاد تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهن، معراج سنڌي لکيو ته حڪمران پاڻ ملوث آهن،

منظور علي زرداري لکيو ته نشي وارين شين تي پابندي لڳائي وڃي منشيات ھر ڳوٺ ھر شھر ۾ سرعام ھلي پئي، ضمير انصاري لکيو ته 43.سالن نشي جا عادي مرندي ڏٺا آهن اولاد آڏو مجبور مائرن پيئرن کي ظالم منشيات فروشن اڳيان ذليل ٿيندو ڏٺو اٿم بوزداروڏا شھر توڙي آس پاس جي علائقن ۾ پوليس آفيسرن کي منشيات فروشن جا نالا ٻڌائيندا رهيا آهيون پر ڪو ايڪشن نه کنيو ويو، سهراب سومرو لکيو ته راندين جا ميدان ڀريو انھن جي سار سنڀار لھو راندين جا مقابلا ڪرايو ته جيئن ڪو به نشو واپرائي نه سگھيم امر راءِ سنگهه راجپوت لکيو ته اسان جي شهر ڏيپلو ۾ اَٽو اڃا مشڪل سان ملندو پر آفيم چرس شراب صفا آسان ملي ويندو..قادر بخش زئور لکيو ته نشي نوجوانن جو مستقبل تباھ ڪريو ڇڏيو آھي ان خلاف قانون سازي ڪرڻي پوندي، حيدر علي پنهور لکيو ته سنڌ مان ڪڻڪ ڀاڻ وغيره افغانستان اسمگل ڪرڻ ۽ اتان کان نشو ۽ هٿيار سنڌ ۾ ڦهلائڻ جو ڌنڌو حڪومت ۽ انظاميه جي سرپرستي کان سواءِ ممڪن ناهي، وقار احمد مڱريو لکيو ته نشي آور شيون ته ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسپيشل ٽيمون جوڙيون وڃن..

پوليس ڪڏھن به نه چاھيندي ته نشو منشيات بند ٿئي پوليس پنھنجو حصو پتي وٺي ٿي، مراد علي لکيو ته سنڌ ۾ منشيات جو وڪرو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي آءِ جي سنڌ جي نوٽيس بعد ويتر وڪرو وڌيڪ ٿيڻ لڳو، حد جي ايس ايڇ او کي پھريان کان به وڌيڪ ڀتو ملڻ لڳو زميوار به پوليس آهي جيڪا پنهنجي سرپرستي م منشيات ھلرائي ٿي سيري شھر منشيات جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي، عبدالسبحان سنڌي لکيو ته اگر پوليس سچي ٿي پئي ته سڀئي نشا ۽ ٽوٽل نشائي اهي مسئلا حل ٿي ويندا ، ساجد اقبال کوسو لکيو ته معاشري ۾ جڏھن ڪو ڪم غلط ڪم ٿيندو آھي ان جو ذميوار ان علائقي جا طاقتور ماڻھو آھن انھن طاقتور ماڻھن ۾ سياسي ماڻھو ۽ ڪامورا ملوث آھي، موهن لال لکيو ته نشي جي عادي ماڻهن کي ڪهڙو متبادل نشو ڏنو ويندو، ٻي ڳالهه ته نشي آور شيون پوليس جي سرپرستي ۾ وڪامي ويندي آهي جنهن تي لکين روپيا منٿلي مقرر ڪيل آهي اهو منافعي بخش ڪاروبار ڪيئن ٿو بند ٿي سگهي؟ مقبول چارڻ لکيو ته ذميوار اهي مير پير ڀوتار نمائنده آهن جن جي آشيرواد سان منشيات ڪاروبار جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي،پوليس صرف منشيات تي ڀتاخوري ڪرڻ ۾ پوري آهي اسان جي شهر خاص ڪري لاڙ بيلٽ جي پوليس جو گذر ئي منشيات تي وڃي بيٺو آهي..

حاجي خان پنهور لکيو ته جي بلڪل پهرين جيڪا منشات هرچونڪ تي آساني ملندي هئي انهي ۾ ڪجه بهتري آهي ڪافي حدن تان منشات بند ٿي وئي آهي، نادر ابڙو لکيوته لاڙڪاڻو شهر ۾ منشيات عام واهپي جي شين جيان ملي رهي آهي پوليس جو خاص توجهه ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ڪيترائي نوجوان تباهي ڪناري پهچي ويا آهن، سرمد چانڊيو لکيو ته نشي کي ڪيترو به روڪيندا هلندو ائيندو، نشي تي ٽيڪس رکو، ملڪ کي به فائدو موالين کي به فائدو. عابد حسين شر لکيو ته سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر ڪرپشن منشيات سميت ٻين ڏوهن جو خاتمو ممڪن آھي پر جڏھن اهو سرڪار جي ترجيح ۾ هجي، شاهين سومار لکيو ته اسان جي پنهنجي شهر ڏيپلو م منشيات هلي رهي آهي پوليس جي سرپرستي ۾ ، منظور حسين لکيو ته انتظاميا سخت قدم کڻي، ڊي سي ۽ ايس ايس پي گڏجي قدم کڻن، بلوچ شر به سروي ۾ حصو ورتو، فتح محمد ڪلهوڙو لکيو ته وڳڻ ۾ ھاڻي به ڪجھه ڪنٽرول ٿي وئي آھي

منشيات اڃان ڪجهه ماڻھون لڪي هلائي رهيا آھن اسانجي اها رائي آھي ته اهڙيون اسپتالون ٺاهيو جو صرف هيرونن ۽ ٻين نشي وارن عادي ماڻھن کي فائدو ملي سگهي وڳڻ شھر ۽ آس پاس ڳوٺن مان منشيات بلڪل بند ٿيڻ کپي، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته منشيات نوجوان نسل کي اڏوهي جيان کائي رهي آھي . لاڙ جا ضلعا ته تمام گهڻو ڀوڳي رهيا آھن. منشيات ڪمائي جو ذريعو بڻجي چڪي آھي. عرفان گل لکيو ته بحالي جو ڪم پنجاپ۾ مسلسل ھلندڙ آھي..

ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته پاڪستان ۾ جيڪي منشيات بند ڪرڻ جي ڳالھه ڪن ٿا اھي يا خيالي دنيا ۾ رھن ٿا يا ته اھي بيوقوف آھن، شفيع ملاح لکيو ته منشيات پوليس جي سرپرستي ۾ ھلي ٿي، عبدالحئي مير لکيو ته اسانجي علائقي گهوٽڪي سرحد ۾ سر عام نشي جو ڪاروبار پوليس جي سرپرستي ۾ ٿي رهيو آھي جنهن سبب نوجوان نسل تباهه ٿيندو پيو وڃي، ڊاڪٽر امير علي خاصخيلي لکيو ته پھريان منشيات فروشن کي ته گرفتار ڪري سپلاءِ ته روڪيو، عرفان جروار لکيو ته حد جي پوليس ۽ چونڊيل نمائندا ذميوار آهن.شڪيل احمد لکيو ته منشيات جي وڪري بابت موثر قدم نه کڻڻ ۽ سر عام استعمال سبب نوجوان نسل مختلف سماجي براين جي وڪڙ ۾ آھي، يار محمد ميمڻ، ا وحيد، سڄڻ پرمار به سروي ۾ حصو ورتو، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته اسان جي وڳڻ شھر ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات خاص ڪري آئيس ۽ هيرون عام وکر جئيان وڪرو ٿئي رهيو آھي.هتي پوليس جي سرپرستي ۾ وڪرو ٿئي رهي آھي پوليس منشيات وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪرڻ بجائي غريب پورهيتن کي گرفتار ڪري رهي آھي.

نظام ميمڻ لکيو ته پوليس جي سرپرستي ۾ ھلي ٿي، احسان عيسيٰ لکيو ته خصوصن لاڙ پٽ جي ٻن ٺٽي ۽ سجاول ۾ ھيڏي سختي باجود سفينا مائو سر عام ملي ٿي پابندي جي ڪري انهن جا اگهه وڌي ويا آهن، زاهد ڏهوٽ لکيو ته خيرپور شهر ۾ سرعام منشيات جو وڪرو ٿئي ٿو، ذميوار پوليس آهي جيڪا ملوث آهي، جڳت دان ديول لکيو ته عمرڪوٽ ضلعو منشيات جو ڳڙهه آهي، انھي ضلع جو تاريخي شھر نيوڇور منشيات جي حوالي کان پھرين نمبر تي آهي (ڪچو ٺرو) شراب ھول سيل ريٽ تي دستياب آهي انھي سان گڏ آفيم، چرس، شراب ۽ ٻيون نشي واريون شيون سرعام وڪرو ٿي رهيون آهن. مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته منشيات تي ڪنٽرول اڳ ئي ناهي ٿي سگهيو هاڻي ته سمجهه کان ٻاهر آهي ڳالھه. پنهنجي مفادن خاطر بيان ڏيڻ سان ڪجهه به ناهي ٿيندو، شيراز تنيو لکيو ته سڀ کان پهريان ذميوار پوليس آهي منشيات اچي ڪيئن ٿي کڻڻ وارا آرام سان کڻي پيا اچن چيڪنگ وارا مال وٺڻ ۾ پورا، نصيرآباد شهر اندڙ منشيات حد کا وڌيڪ وڪرو پئي ٿئي آئيس جو نشو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿئي پيو،

ميثم عباس بلوچ لکيو ته رڳو ڳالهيون ٿا ڪن ٿيندو ڪجهه به نه، ساگر امير حيدر لکيو ته نشو ختم سڀ ٺيڪ ٿي ويندو توهان نشئي ختم ڪرڻ چاهيو ٿا نشو برقرار رکڻ ان ڪري مرض ختم مريض کي ختم ڪري بيمار مان جان ڇڏائڻ چاهيو ٿا پر بيماري مان نه، لياقت بلوچ لکيو ته کيسانا موري ۾ مين پڙي سرعام هلي ٿي، عرفان علي ملاح لکيو ته شهر ڪرونڊي تعلقو فيضگنج ۾ ڪچو شراب ۽ چرس گٽڪو عام جام پيو کپي، شوڪت علي لکيو ته ايم پي ايز جي سپورٽ هجي ٿي، زين سمون لکيو ته سنڌ توڙي ملڪ ۾ منشيات جو آزار وڌندو پيو وڃي خصوصن سنڌ ۾ ڪافي منشيات آئيس ھيروئن ۾ نوجوان نسل تباهه ٿيندو وڃي اگر واقعي حڪومت منشيات تي اسٽينڊ وٺي روڪرائڻ چاهي ٿي ته پهريان هي قدم کڻي پهرين ته قومي اسيمبلي قانونسازي ڪري، منشيات تي سخت سزائون رکيون وڃن ٻيو سختي سان عمل ڪرايو وڃي، منشيات واپرائيندڙن جو علاج ٿيڻ گهرجي،

ظهير احمد شر لکيو ته جتي سياسي ڀوتارن جي بنگلن جا خرچ منشيات فروش ڀرين اتي منشيات ختم ٿيڻ ناممڪن آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته فيض گنج تعلقو منشات جو ڳڙھ بڻجي چڪو آهي ، منور مصطفيٰ کوسو لکيو ته سرعام منشيات هلي ٿي، نور محمد سومرو لکيو ته ئون ديرو سميت پوري سنڌ اندر منشيات پوليس جي سرپرستي هيٺ سرعام وڪرو ڪئي ويندي آهي ۽ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات جو سرعام وڪرو ٿيندي آهي، منشيات فروشن جا سهولتڪار چڱا مڙس هوندا آهن. پوليس منشيات جي ڪوڙن ڪيسن ۾ بيگناھ شهرين کي گرفتار ڪندي آهي، ملڪ اياز لکيو ته ھر گھٽي ۾ منشيات فروش آهن، راسومل لکيو ته ڪو به پاڙو محفوظ ناهي، علي شير شر لکيو ته شادي پلي شهر ۾ سرعام وڪرو هلي ٿو،

علي محمد سمون، احمد خان چانڊيو، حڪيم جروار، نارائڻ داس مڪواڻو، شهباز ٻجورو، راڪيش، علي بخش شر، محرم قادر بلوچ، شاهد شر، شنڪر لال، نواز علي کوسو، ولي الله جمالي، قربان علي ميراڻي، امتياز جمالي به سروي ۾ حصو ورتو، صوفي طارق علي کوسو لکيو ته مانجهند ۾ به منشيات جو وڪرو عام آهي، ذوالفقار علي، مظفر شبير بوزدار، خوشحال سنڌي، عظمت علي لاشاري، عبدالصبور، مير بلوچ، شبير ميمڻ، پانڌي خان پنهيار، نقاش پيرزادو به سروي ۾ حصو ورتو، صاحب الدين خاصخيلي لکيو ته تعلقي ٿاڻوبولاخان جي سڀني يوسين ۾ منشيات سرعام ھلي رھي آھي پوليس جي سرپرستي ۾، شاهزيب سنڌي لکيو ته اسان جي يوسي حسن جمالي ۾ هر قسم جي منشيات فروشي ٿي رهي آهي، هزارخان لکيو ته گهوٽڪي ۾ ڪچو شراب واپرائڻ ڪري 5 نوجوان فوت ٿي چڪا آهن، غمشاد علي برفت، محمد اسلم، ايم عيسيٰ لنڊ، ملڪ رحمان، وحيد  مستوئي، مير منور بلوچ، خالد لغاري، عصمت الله بلوچ، غلام رسول راهمون ۽ ٻين سروي ۾ حصو ورتو.