پنهنجن جون چٺيون

    0
    150

    ڳوٺ پريو جمالي جي پرائمري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ!‎‎

    اسان جي ڳوٺ پريو جمالي جو پرائمري اسڪول آهي جتي استادن جي کوٽ آهي، تازو 3 استادن مان هڪڙو استاد رٽائرڊ ٿي ويو آهي. هاڻ نئون استاد ڪٿان مقرر ٿئي؟ ٿرڊ فيز ۾ هارڊ ايرياز جي استاد اميدوارن کي نظرانداز ڪيو ويو، سافٽ ايريا جا آءِ بي اي پاس استاد کنيا پيا وڃن، ڇا جوهي دادو جا استاد اسان جي ڳوٺ ۾ پڙهائڻ ايندا؟ هي سڄي نااهلي دادو ۽ جوهي دادو جي نااهل تعليم کاتي جي آفيسرن جي آهي جن استادن جي ڀرتي واري معاملي ۾ غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪيو  ۽ پئسن جي لالچ لاءِ استادن جي ڀرتين وارو سلسلو سست رفتاري جو شڪار بڻايو، جڏهن ته ٻين ضلعن ۾ هارڊ ايرياز جا اميدوارن کنيا ويا آهن، صرف جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي سان اهڙي ناانصافي ڇو ڪئي وئي آهي؟ تعليم دوست نوجوان ۽ هارڊ ايريا جا اميدوارن هن مسئلي لاءِ پنهنجو آواز اٿارين جيئن ڪاڇو تعليم جي ميدان ۾ اڳيان اچي سگهي، نه رڳو پريو جمالي پر ڪاڇي ۾ ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن جتي اڃا تائين ڪو هڪڙو استاد به مقرر به نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته ڪيترن اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ به برقرار آهي. جيڪڏهن هارڊ ايريا واري پالسي بحال ڪئي وئي 33 کان 40 وارن کي آرڊر ڏنا ويا ته ڪاڇي جا اسڪول کلي ويندا، استادن جي کوٽ جي شڪايت به ختم ٿي ويندي.

    سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

    نه وسرندڙ يادون!

    (حصو ٻيون ۽ آخري)

    يقينن ان ڳوٺ جي سونهن به ايتري ته پياري ھئي جو ٻين ڳوٺن کان الڳ ئي نظارا ڏسڻ ۾ آيا، مون پنھنجي دوست کي چيو يار ھن ڳوٺ جي ڪھڙي طرح تعريف ڪجي مون کي ھر شيءِ خوبصورت پئي نظر اچي، تنھن تي ھن چيو نڀاڳا بک لڳي آهي، ھل ته واپس ھلون اوطاق تي ماني تيار ٿي وئي ھوندي، مان به کلندي چيومانس يار چوين ته صحيح ٿو، تنھن کان پوءِ اوطاق ڏانهن واپس ٿياسين جتي پھريان کان ئي دوست انتظار ۾ ويٺا هئا، انھن ٻاھر وڃڻ جو سبب پڇو تنھن تي اسان ٻڌايوسين ته ادا اسان ڳوٺ جا روڊ رستا گھمياسين، سڀني ٽھڪ ڏنا ان کان بعد دوست ماني کڻي آيا جنھن ۾ پڪل مڇي ھئي، مرغي جي ڳاڙھي ٻوڙ واري ڀاڄي ھئي، چپاتي ۽ گرم تازي برياني ڏسي ته اسان ٻئي دوست اچي کائڻ ۾ دير ئي نه ڪئي سون، خير ماني کائي پيٽ ڀري ساھ پٽيوسين ته اوچتو مون کي اهو خوبصورت چھرو ذھن ۾ اچڻ شروع ٿي ويو، بار بار ان جو سوچڻ لڳس ته آخر اھا ھئي ڪير؟ ڳوٺ ۾ ايڏي سھڻي ڇوڪري يقين ئي نه پي آيو، دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس ڇو نه اھا ڳالھ پنھنجي دوست سان ڪجي پر ٻڌائڻ کان ڊپ پيو ٿئي، خير ڪافي وقت گذري چڪو ھو شام ٿيڻ واري ھئي، دوستن سان آخري ڪچھري تي چانھ جا ڪٽ ھجن ۽ دوستن جا ڀوڳ ۽ ڳالھيون ھجن، پوءِ ته واھ واھ ٿي وئي. اصل ڳوٺ ڏانھن واپس وڃڻ تي دل ئي نه پي چيو پر ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ واپس ته وڃڻو ھو، آخر ۾ سڀني دوستن سان ڀاڪر پائي موڪلائي گاڏيءَ جو رخ ڪرڻ وقت دل ۾ خيال آيو ته ٻيھر اھا خوبصورت حور سامھون اچي وڃي ته آخري ديدار ڪجي پر ايئن نه ٿي سگھيو، مان به گاڏي جي سامھون بيھي ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳس، شايد ڪٿي نظر اچي وڃي، ھوڏانھن وري دوست گاڏيءَ جو ھارن وڄائڻ شروع ڪيو، تنھن تي مان به اداس ٿي گاڏيءَ ۾ ويٺس، پوءِ آخر ۾ ڪچھري ڪندي پنھنجي شھر ڏانھن روانا ٿياسين.

    ثقلين حيدر/رتوديرو

    صحافي نصراللہ گڏاڻي جي گرفتاري،صحافت تي وار!

    (حصو ٻيو ۽ آخري)

    شايد انهن ضلعن سان وابسطا سردارن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ پوليس انتظاميه کي معلوم ناھي ته صحافي جو ڪم ئي اھو آھي ته غلط ڪم خلاف آواز بلند ڪري. سنڌ جا ورڪنگ جرنلسٽ اتان جي طاقتور ڌرين کي آگاھ ڪن ٿا ته صحافي پنهنجو صحافتي ڪم ڪندو رھندو نه ڪي توھان جي ڪڍيل لڪير تي بيهي ظلم ڪندڙ جي ظلم کي لڪائي تاريخ ۽ پنهنجي شهر، ڳوٺ، ٻهراڙي ۽ سنڌ جو معياري ٿيندو، ٻڌايو پيو وڃي ته آءِ جي سنڌ پاران گهرو کاتي ڏانهن ھڪ درخواست اماڻي ھئي جنهن ۾ چيو ويو ھو ته امن امان کي قائم رکڻ لاءِ نصراللہ گڏاڻي کي ايم پي او تحت گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. سنڌ جا ورڪنگ جرنلسٽ آءِ جي سنڌ جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ کيس ياد ڏيارين ٿا ته جنهن ضلعي مان صحافي نصراللہ گڏاڻي کي گرفتار ڪيو ويو آھي ان ضلعي ۾ ڌاڙيل ڪلچر جو وڏو راڄ قائم آھي، جيڪو نه رڳو امن امان لاءِ خطرو آھي پر سنڌ جي ڪيترن ئي گهرن ۾ ٻرندڙ چلھ کي وسائڻ جو به ڏوھي آھي، انهيءَ ڪري ٿورڙي ھمٿ ڪري انهن کي پڪڙي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين کي سزا ڏني وڃي، جنهن سان نه رڳو پوليس انتظاميه جو ساراھ جوڳو عمل ڳائبو پر اُتان جا مسڪين ماڻهو سک جو ساھ کڻي زندگي به گذاري سگهندا. ميرپور ماٿيلي مان نصراللہ گڏاڻي کي گرفتار ڪري اھو نه سمجهو وڃي ته ھاڻي صحافي پنهنجي قلم واري ڪرت پوليس جي بندوقن کان ڊڄي ڇڏي ڏيندا پر گرفتار ڪندڙن کي معلوم ھئڻ گهرجي ته پهريان ميرپورماٿيلي ۾ ھڪ شخص نالي صحافي نصراللہ گڏاڻي ھو ھاڻي سموري سنڌ ۾ سمورا صحافي نصراللہ گڏاڻي ٿي ويا آھن توھان ڪنهن ڪنهن نصراللہ گڏاڻي کي بند ڪري ۽ انهيءَ حق سچ جي آواز کي ديوار سان لڳائيندا ۽ قيد ڪندا.

    عامر خان مهيسر/ راڻيپور

    تنگواڻي سان بلدياتي نمائندن جون ڪيل ويساھه گھاتيون!

    2017ع جي بلدياتي اليڪشن دوران اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ سڏجندڙ تنگواڻي جي جاگيرداري ڀوتارن کان تنگواڻي اليڪشن ۾ ڪيل واعدن وانگر وسري ويو، ترقياتي ڪم ٿيڻ بدران تباهي جي ور چڙھي ويو، حقيقت ۾ تنگواڻي اندر نام نھاد اي ڊي پي ۽ اسڪيمون پنھنجن ڪمائو پٽن جي نالي ڪري انھن اسڪيمن جو بجيٽ ھڙپ ڪري ٿا وڃن جنھن جي خبر ملائڪن کي به نٿي پوي ۽ ٽائون ڪاميٽي جو ايندڙ ماهوار 1 ڪروڙ 67 لک اڪائونٽنٽ ڪوڙا ڪاغذ تيار ڪري ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن پر تنگواني شھر ۾ ڪو به اھڙو ترقياتي ڪم جنھن ۾ ڊرينيج سسٽم، اسٽريٽ لائيٽون، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، لائيبريري، عيد گاھ، پبلڪ پارڪ ۽ جروار محلا ۾ گندي پاڻي جي نيڪال، پير عالم شاهه درگاهه جي وارڊن جي ترقياتي ڪم ڪرائڻ بجاءِ سڄو شھر موھن جي دڙي جيان کنڊرن جو ڏيک ڏئي رھيو آھي، شھر جا ترقياتي فنڊ شھر سنوارڻ بجاءِ وڏيرن پھنجن بنگلن تي استعمال ڪري شھر کي چئني پاسن کان گندگي جو ڍير ۽ اونداهيءَ جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آھي، گذريل ناظمي واري دور کان ٽائون صرف ھڪڙي شخص حوالي ڪيو ويو هو جنھن ٽائون کي پنھنجي ذاتي ملڪيت سمجھي نه رڳو اتان ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي پر ڪوڙا بل ۽ اسڪيمون ٺاھي اربين رپين جي بجيٽ ھڙپ ڪري ويو، تنگواڻي ۾ لائيبريري، روڊ ۽ گھٽين جي نالي لکين رپين جي ڪرپشن جو نيب نوٽيس نه ورتو، ان مان صاف ظاھر آھي ته ھن ڪرپشن ۾ ھيٺ کان وٺي مٿي تائين سڀ ملوث آھن، ٽائون اندر ڪافي عرصي کان وٺي ھن محل تائين يوسيز طرفان مليل صفائي سٿرائي جا گاڏيون، فائربرگيڊ، ٽريڪٽر شھر گھٽين جي صفائي سٿرائي بجاءِ وڏيرن جي زمينن ۾ ھر ھلائڻ کان وٺي باب دروازن تي لڳل تصويرون ھٽائڻ لاءِ ڪم اچن ٿا. گذريل 2017ع وارو بلدياتي نظام گذرڻ کان پوءِ اسين ساڳيائي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ته چونڊيا سين پر انھن مان ترقياتي ڪمن جي ڪا به اميد نه ٿا رکون. ڪيترائي ماڻهو وڏيرن پنھنجا بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ اھي ٽائون اندر ڀرتيون ڪري ڇڏيا پر تنگواڻي شھر ساڳيو ئي گندگيءَ صفائي سٿرائي محلن جي اندر اسٽريٽ لائيٽون نه ھجڻ ڪري اھي گھٽيون اونداهيءَ جي ور چڙهيل نظر اچن ٿيون.

    مختيار علي بلوچ/تنگواڻي

    ڪير ٿو ڪنهن

    جي لاءِ مري!

    بابا سائين چوندو آ تج عدل ويو عدالت وئي، فري ويا فيصلي وارا،. اڄ جي دور کي ڏسي دل ۽ دماغ سوچيندو آهي ته شايد قيامت اچي وئي آ ۽ اسان دوزخ ۾ هجون، پويون زمانو اسان ڏٺو ته نه پر ٻڌو آهي ته ان زماني جا ماڻهو ڏاڍا ته مهوڙ، سچا، ايماندار، مُخلص، نيڪ نيتي ۽ سادگي پسند هئا جن ۾ پنهنجن جي محبت، رشتن جو اڀياس ۽ پنهنجي دين سماج رسم رواجن جو قدر هو، جتي انصاف جون تنوارون هيون، ان دور ۾ عدل عدالت اٽل فيصلا ڪندڙ جوان هئا. اڄ جي دور ۾ ته نه رشتن جو ڀرم رهيو آ نه احترام ۽ نڪو انصاف عدل جو ڏيئو وسامي ويو، پنهنجن مان پنهنجائپ پراون مان اميد ختم ٿي وئي، هي عجيب دور آ ته ڀاءُ، ڀاءُ مان بيزار، پٽُ پيءُ مان بيزار ڌيءُ ماءُ مان بيزار، ڪارو ڪاريءَ جي بازار گرم ظلم، بي حاڪميتَ، ناانصافيون، رشوت، چوريون، ڌاڙا، ڦرون، نه صحت نه پاڻي، مهانگائي، قبيلائي جهيڙا، رتوڇاڻ، هر طرف بيچيني ۽ بدحالي، آخر ڇو ايئن معاشري مان نور نڪري ويو آهي؟ ڪڏهن ڪنهن غور ڪيو آ ته اهو سڄو بار اسان جي عملن ڪرتوتن جي سزا آهي جو اسان کي پنهنجي عملن جي ڪري اهڙي دور کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پنهنجو رويو اخلاق احترام سان هر ڪنهن سان پيش اچو، عمل سڌاريون، جڏهن اسان جا عمل بهتر ته حاڪم به بهتر حاڪم صحيح ته انصاف صحيح، انصاف سڌو ته صحت تعليم روزگار بهتر.

    اويس سونو خان راڄپر/نوشهروفيروز

    يوسي خليفو

    قاسم جا مسئلا!‎‎

    خيرن سان مڪاني ادران جي چونڊيل نمائندن حلف کڻي ورتو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هو پنهنجو ڪم ڪيتري ايمانداريءَ سان انجام ٿا ڏين؟ هن وقت تقريبن سنڌ جو هر ننڍو وڏو شهر توڙي ڳوٺ مسئلن جي ور چڙهيل ۽ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي پر ضلعي بدين جي تعلقي ٽنڊو باگو جي يوسي خليفو قاسم جي حالت تمام خراب ۽ رحم جوڳي آهي، وڏي وقت کان لاوارث ۽ ننڌڻڪي بڻيل يوسي خليفو قاسم مڪمل کنڊر بڻجي چڪو آهي، ان کان پهرين يوسي جي سموري بجيٽ هڙپ ٿيندي رهي آهي، هن ڀيري هن يوسي جي عوام ڪرپٽ ٽولي کي رد ڪري نوان چهرا آندا آهن، هاڻ انهن تي اهو فرض ٿئي ٿو ته هو عوام جي اعتماد تي پورا لھن. يوسي جو هر ڳوٺ بنيادي ضرورتن کان محروم آهي، صحت، تعليم، صفائي سٿرائي ۽ ڊرينج جو نظام مڪمل تباهه آهي، هر سال برساتن ۾ هتان جا رهواسي وڏي عذاب کي منهن ڏين ٿا ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ هڪ وڏو مسئلو آهي، گھٽيون، روڊ ۽ رستا ته پري پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان يوسي جي بجيٽ مان يوسي اندر مڇرمار اسپري جهڙو ڪم به نه ٿي سگھيو آهي، ان کان پوءِ اهم مسئلو هي آهي ته يوسي جي آءِ ڊي بند پيل آهي، جنهن ڪري فوتي سرٽيفڪيٽ رهائشي ۽ پيدائشي سرٽيفيڪٽ حاصل ڪرڻ لاءِ هتان جو عوام سخت پريشانيءَ جو شڪار آهي، هاڻ هتان جي چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته مٿي ڄاڻيل مسئلا حل ڪرڻ سميت ڳوٺن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي، ڊرينج جو نظام، رستن، گهٽين جي صفائي، مرمت ۽  گهر ويٺي پگهار کڻندڙ ملازمن کي ڊيوٽي لاءِ پابند ڪري يوسي جي عوام جا اهنج گهٽايا وڃن.

    فياض احمداڻي/کوسڪي، بدين

    پنهنجي اخبار وسيلي ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين پيار مليو!‎‎

    چوندا آھن ته رشتا روح جا هجن يا وري رت جا، انهن جو قدر ڪريو پر قلمي دوستي جي ذريعي جيڪي رشتا پيار ڏين ٿا انهن جو ڪو ملھ ئي ناهي. سچ اهو آھي ته پنهنجي اخبار جي ذريعي جيڪو ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين پيار مليو آھي ان پيار جو ڳاڻيٺو ئي ناهي. ڪڏهن ڪڏهن صبح ناشتي وقت ڪشمور جي علم ادب ۽ روينيو آفيسر دوست راجا ڊومڪي پنهنجي اخبار ۾ ڇپيل ڄٺي پڙھي پيار ونڊيندو آھي ته ڪڏهن وري ٽنڊي محمد خان جو سائين عبدالحق جماري ۽ ميرپور بٺوري جي شھري اتحاد جا اڳواڻ دوست ڏاڏا اسماعيل شورو ۽ حاجي موسيٰ کٽي پيا پيار ونڊيندا آھن ته ڪڏهن وري ڪيٽي بندر کان آر ڪي سمون يا ته گهگهر ڦاٽڪ کان دوست علي اصغر قيصراڻي پيا محبتون ونڊيندا آھن. منهنجي ئي شھر جي ماڻھن جون محبتون ته وسارڻ جهڙيون ئي ناهن، جتي مليا چوندا ته يار ڦلاڻي موضوع تي به لک، ڪڏهن ڪڏهن ميسينجر ۾ ڪنهن اڻڄاتل ادڙين جا ميسيج لڳل هوندا آھن ته ادا اسان پنهنجي اخبار ۾ بنا فوٽو جي شامل ٿي سگهون ٿا يا نه؟ يا دوست پنهنجين ڄٺين ۾ ڪيئن شامل ٿجي بابت پيا پڇندا آھن. هڪ ڏينهن دڙي ۾ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي اسڪول پي ويس ته، هڪ ادڙيءَ سڏ ڪيو، ايڪسڪيوز مي. توهان گل آھيو؟ جيڪو پنهنجي اخبار ۾ صحافي آھي. وراڻيم نه ادي، صحافي ته ناهيان بس ڪڏهن ڪڏهن لکندو آھيان، ته چيائين ادا آءِ بي اي وارن ڏي لک ته اسان پاران بي اي ۾ کنيل 48 يا 49 سيڪڙو وارن جا به PST ۽ JEST ۾ فارم بحال ڪيا وڃن ۽ هڪ ڏينهن نادرا آفيس ۾ ڪارڊ ٺھرائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي اخبار ھٿن ۾ کڻي  قطار ۾ بيٺو هئس ته مون کان قطار ۾ اڳيان بيٺل همراھ ڪچھري ڪندي پڇيائين يار ڇوڪرو علي گل ٻجورو اخبار ۾ لکندو آھي، ان جو نمبر آھي توهان وٽ؟ جڏهن نمبر ڊائل ڪيائين ته منهنجي موبائيل جي رنگ ٽون وڳي، پوءِ نه رڳو مون کي قطار ۾ اڳيان بيهڻ جي آڇ ڪيائين پر نادرا آفيس کان واندو ٿيڻ بعد محبت ۾ چانھ به پياريائين. ٿورڙي عرصي ۾ پنهنجي اخبار ذريعي جيڪو پيار مليو آھي سچ ته ساھ ۾ سانڍڻ جهڙو آھي، دوستن جون ڏنل محبتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن.

    غلام علي “گل” ٻجورو/سجاول

    هڪ چٺي پ پ پ چئيرمين، سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير ڏانهن!

    پ پ پ سنڌ ۾ اقتدار ۾ هوندي عوام سان ڪيل روزگار واري واعدي کي پاڙي ڏيکارڻ لاءِ اڳڀري آهي، جيڪو جلدي پورو ڪري ڏيکاريندي، هن وقت ڳالهه اها آهي ته پ پ پ سنڌ ۾ لوئر اسٽاف جي ڀرتي واسطي گذريل سال مختلف کاتن ۾ 1 کان 4 گريڊ تائين جي نوڪرين لاءِ انٽرويو ورتا ويا، وري ٻيهر جيڪو سلسلو اڄ ڪلهه پڻ سنڌ جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن جي ليٽر موجب بيروزگارن کي اطلاع واسطي اخبارن ۾ انٽرويو ڪال اشتهار ڏئي انٽرويو ورتا پيا وڃن جنهن لاءِ آئون به ايجوڪيشن ڊپارٽمينت اي ڊي او آفيس سکر ۾ ليب اٽنڊنٽ 02 اسڪيل جي نوڪري گڏوگڏ ڊي آو پرائمري سکر وٽ چوڪيدار ۽ ايريگيشن ٽيوب ويل ڊويزن پنوعاقل گهوٽڪي وٽ ٽيوب ويل چوڪيدار 01 اسڪيل جي نوڪري لاءَ انٽريو ڏنا آهن، ڳالهه اها آهي ته بيروزگاري ۽ مهانگائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، غريب ماڻهن لاءِ گذران ڪرڻ مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي، انٽرويو ڏيڻ جا خرچ به بيروزگارن جي وس ۾ ناهن، تنهن باوجود به بيروزگار انٽرويو ڏيندا رهن ٿا، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کان اها اميد آهي ته انهن نوڪرين لاءَ ورتل انٽرويو مڪمل ٿيڻ بعد جلدي ڀرتي ڪندي بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪندي ۽ پريشاني ختم ڪندي، پ پ پ جو ووٽر آهيان، اها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن به پ پ پ اقتدار ۾ آئي آهي ته اسين نوڪرين وٺڻ واسطي چونڊيل نمائندن تائين در کڙڪايا پر مليو ڪجهه ڪو نه، بيروزگار هئاسين رهياسين هن مهل تائين سڻڀي نوڪري ته پنهنجي جاءِ تي ننڍي نوڪري پڻ نه ملي سگهي آهي، شايد جيڪي نوڪريون چونڊيل نمائندن هٿان دادلن، لاڏلن ۽ پئسو ڀريندڙ ماڻهن کي مليون هن وقت آئون ان اميد ۾ آهيان ته هن ڀيري سنڌ سرڪار ۽ پ پ پ نااميد نه ڪندي ۽ مون کي نوڪري ملي پوندي، ڇاڪاڻ ته اهي نوڪريون پ پ پ سان سلهاڙيل ماڻهن، ووٽرن، جيالن، ورڪرن ۽ غريب ماڻهن لاءِ آهن، جيڪي گهڻي قدر ايماندار ۽ انصاف ڪندڙ چونڊيل نمائندن هٿان حقدارن کي ملنديون رهن ٿيون، جيڪو سلسلو هن وقت به هلندڙ آهي، اميد هن ڀيري مون جهڙا بيروزگار پ پ پ نااميد نه ڪندي، کين روزگار فراهم ڪري ڏيکاريندي، ڇاڪاڻ ته جنرل اليڪشن به پري ڪونهي، ووٽ لاءَ پ پ پ نمائندن کي عوام وٽ آخر وڃڻو آهي.

    محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل