سوال/سروي روهڙي حادثو: ٽرانسپورٽ کاتو، موٽروي پوليس ۽ ڊرائيور ذميوار آهن: عوام

0
384

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته روهڙي ڀرسان ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 14 مسافر فوت ٿي ويا: حادثي جو ذميوار ڪير آهي؟ حادثا ڪيئن روڪي سگهجن ٿا ؟ ڇا حادثن بعد فوري طور امداد ڏني ويندي آهي؟ حادثن ۾ انساني جانين جو نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي ان لاءِ ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو، ٽريفڪ پوليس، موٽروي پوليس ۽ ڊرائيور حادثن جا ذميوار آهن، صحت کاتو به لاپرواهي ڪري ٿو جنهن ڪري زخمي اسپتالن ۾ فوت ٿيندا آهن، ٽٽل روڊن جي ڪري به حادثا ٿين ٿا، حڪومت حادثا روڪڻ لاءِ سخت اپاءَ وٺڻ گهرجن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نديم بوزدار لکيو ته موٽروي پوليس جي لاپرواهي جي ڪري ايتريون انساني جانيون ضايع ٿيون آھن، موٽروي پوليس چيڪ ڪري ھا ته ايڏو وڏو نقصان نه ٿئي ھا ، مسافر ڪوچ پنجاب مان نڪتي آھي ڇت تي به ماڻھو ويٺل ھئا ، ڪوچ جڏھن حادثي جو شڪار ٿي ته بروقت مسافرن موٽروي پوليس جي ھيلپ لائن تي اطلاع ڏنو پر موٽروي پوليس جا اھلڪار ڪافي دير کانپوءِ پھتا جنھن ڪري وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون آھن ، ذميوار موٽروي پوليس انھن خلاف ڪاروائيءَ ٿيڻ گھرجي.خادم گهراڻو لکيو ته حادثن جا ذميوار ڊرائيور ۽ لائسنس جاري ڪندڙ آهن ڊرائيور لاپرواهي ڪن ٿا، گل حسن لکيو ته ذميوار ڊرائيور آهن جيڪي يا ته نشي ۾ هوندا آهن يا وري گاڏيون ڀڄائيندا آهن، ٻيو ته روڊ به ٽٽل آهن، اياز احمد لکيو ته حادثا معمول بڻجي ويا آهن ٻاهرين ملڪن ۾ ايئن حادثا ٿين ها ته ان کاتي جي وزير کي هٽايو وڃي ها، جاويد احمد لکيو ته حادثي جو ذميوار آءِ جي موٽروي آهي موٽروي پوليس رڳو چالان ڪرڻ ۾ پوري آهي، حادثي جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، نماڻو نوناري لکيو ته ٽريفڪ پوليس ۽ حڪومت ذميوار آهن، اشتياق امداد شر لکيو ته ڊرائيورن کي سزا ڏني وڃي، محمد پريل عباسي لکيو ته روڊ حادثن کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي سخت کان سخت اپاءَ وٺڻا پوندا، بغير لائسنس جي ڊرائيور کي گاڏي ھلائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ۽ ٽريفڪ پوليس کي پنھنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو، شنڪر باغي لکيو ته حادثن جي مک ذميوار سرڪار آھي ڇو ته هتي قانون نالي ڪا شيءِ نه آھي، عادل الاهي بخش لکيو ته انتظاميا جي نا اهلي جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آھن ۽ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي ٿيون وڃن، عرض محمد پيرزادو لکيو ته ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جو زميوار پهريو ن ڊائيور آهي ان کان بعد ريسڪيو ادارا جيڪي حادثي واري جھڳهه تي وقت سر نه پهتا ان ڪري وڌيڪ جاني نقصان ٿيو حڪومت کي گھرجي ته پرائيويٽ ٽرانسپورٽ جي مالڪن کي وارننگ ڏين ته پنهنجي ڊائيور کي پابند ڪن ته اور ٽيڪ ۽ تيز رفتاري کان پاسو ڪن. وحيد ڄامڙو لکيو ته حادثن جا ذميوار ڊرائيور ۽ ٽريفڪ جي قانون تي عمل نه ڪرائيندڙ ادارا آھن ٽريفڪ سان لاڳاپيل ادارن جي نااھلي سبب حادثا پيش اچي رھيا آھن ھتي اھڙا حادثا روز معمول آھن ڪجھه ڏينھن اڳ ڪوٽ لالو ۾ جيءُ جھوريندڙ حادثو پيش آيو جنھن ۾ 6 اسڪولي ٻارڙا حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا، حادثن جا زميوار ٽريفڪ پوليس ۽ موٽر وي پوليس آھي، عاشق حسين لکيو ته روڊ حادثا اڪثر بغير لائسنس رکندڙ ڊرائيور کان ٿين ٿا ان کان علاوه وڏين گاڏين جا ڊرائيور 24 -24 ڪلاڪ ڊرائيو ڪن ٿا ان جي ڪري به روڊ حادثا ٿين ٿا، مين شاھراھن تي ٽراما سينٽر قائم ڪيا وڃن جيئن ترت علاج ممڪن ٿي سگھي. سارنگ چنا لکيو ته روڊ تي حادثن جا ذميوار روڊن تي مقرر پوليس اهلڪار آهن جيڪڏهن اهي سختي سان چيڪنگ ڪن ڪارروائي ڪن ته حادثا گهٽجي سگهن ٿا، محمد حنيف خاصخيلي لکيوته انتظامي نااهلي آهي، لاڳاپيل انتظاميا ذميوار آهي انهي کي سخت سزا ڏني وڃي، بشير ميراڻي لکيو ته حادثي جي ذميوار حڪومت هوندي آهي پوءِ ڊرائيور ۽ بعد ۾ صحت کاتي جي ذميواري ھوندي آھي پر ھتي اسان وٽ سنڌ ۾ ڪو روڊ ٺهي ٿو ته حڪومت ان جي مالڪي نه ٿي ڪري، وري ڊرائيوربه هوش ۾ نه هوندا آهن، مٿان وري صحت کاتي جي نااهلي سبب مريض تڙپي تڙپي فوت ٿي وڃن ٿا ، آفتاب لغاري لکيو ته ٽرانسپورٽ کاتو ۽ ڊرائيور ذميوار آهن، ثناءُالله چنا چيو ته حڪومت کي گهرجي ته سخت قانون آڻي ۽ ڊرائيورن کي احتياط سان گاڏيون هلائڻ جي آگاهي مهم هلائڻ گهرجي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ٽٽل روڊن سبب حادثا ٿين ٿا، عصمت الله رند لکيو ته بغير لائسنس ڊرائيور گاڏي ڊرائيو ڪري ٿو ته ڊرائيور ۽ گاڏي جي مالڪ کي سزا سان گڏ جرمانو ڀرڻ جي به سزا ڏني وڃي، راهول ڪمار لکيو ته افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو، فيصل وزير مري لکيو ته انتظاميا حادثن جي ذميوار آهي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته حادثن جو ذميوار سڀ جو سڀ آهن، خليل ابراهيم لکيو ته پوليس پنهنجو ڪردار ادا ڪري، شاهد شر لکيو ته حادثا معمول بڻيل آهن پڙهيل لکيل ماڻهو ڊرائيور رکيا وڃن، ايم ڪي چانڊيو لکيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جو وزير ۽ ڊرائيور ذميوار آهن، شيراز چانگ لکيو ته ٽريفڪ پوليس جي تربيت ڪرڻ گهرجي، قربان شر به ٽرانسپورٽ کاتي کي ذميوار قرار ڏنو، شمس الدين رند لکيو ته ڊرائيور ۽ ٽٽل روڊ ذميوار آهن، سڪندر بلوچ لکيو ته حادثن جا ذميوار ٽرانسپورٽر ۽ انتظاميا آھي جيڪي فٽنس کان بغير گاڏيون ھلائڻ جي اجازت ڏين ٿا، باقر علي گوپانگ لکيو ته ڊرائيورن کي احتياط ڪرڻ گهرجي، يونس بلوچ لکيو ته ڊرائيور ۽ ٽرانسپورٽ کاتو ذميوار آهي.