ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ زڪوات جي رقم مستحق ماڻهن تائين پهچائڻ بابت درخواست تي گزارا الائونس، عيد پيڪيج، ميريج الائونس سميت زڪوات جي رقم جاري ڪرڻ تي اسٽي جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته غريب شاگردن جي يونيورسٽين ۾ اسڪالر شپ جي فنڊن کانسواءِ ٻيا فنڊ جاري ڪرڻ تي ايندڙ ٻڌڻي تائين پابندي هوندي، عدالت حڪم ۾ چيو ته زڪوات جي فنڊن جي ورهاست ۾ شفافيت بابت عدالت کي مطمئن ڪرڻ تائين ڪنهن کي به فنڊ جاري نه ڪيا وڃن. عدالت سيڪريٽري زڪوات اختر بگٽي کان زڪوات ۽ الائونسز جي مد ۾ رقم منتقلي بابت 2 سالن جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته زڪوات جي رقم مان ڪيترين يتيمن يا حقدارن جون شاديون ڪرايون ويون آهن ۽ ڪيترن مستحق ماڻهن کي رقم ڏني ۽ ڪهڙي طرح ڏني وئي؟ ان بابت سمورو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت سيڪريٽري زڪوات کي حڪم ڏيندي چيو ته سيڪريٽري صاحب! اوهان کي 2 هفتن جو ٽائيم ڏئي رهيا آهيون سموري سنڌ جي ضلعن جو رڪارڊ پيش ڪيو. جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ بينڪ جي صوبائي صدر کي به رڪارڊ سميت ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي حڪم ڏنو ته ٻڌايو وڃي ته سنڌ بينڪ ۾ ڪيترا مستحق ماڻهو اڪائونٽ سميت رجسٽرڊ آهن ۽ ڪيترن ماڻهن کي رقم اڪائونٽن مان منتقل ٿي آهي. عدالت صوبي جي سمورين ضلعي زڪوات ڪاميٽين جي اڪائونٽس جي اسٽيٽمنٽ به طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه ڄاڻايل درخواست تي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ سنگل بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، سيڪريٽري زڪوات اختر بگٽي ۽ ٻيون اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون، ٻڌڻي دوران عدالت گزارا الائونس، عيد پيڪيج، ميريج الائونس، ديني مدرسن کي فنڊ ڏيڻ جي ميڪنزم ۽ شفافيت تي سوال اٿاريندي چيو ته گزارا الائونس سميت زڪوات جي مد ۾ جاري ڪيل فنڊن جو ميڪنزم ناقص آهي، عدالت سيڪريٽري زڪوات کان پڇاڻو ڪندي چيو ته زڪوات جي فنڊن مان ڪيتري رقم مستحق ماڻهن کي ڏني وئي آهي ۽ ڪيتري رقم باقي پيل آهي جنهن تي سيڪريٽري اختر بگٽي عدالت کي ٻڌايو ته 3 ارب جا فنڊ موجود آهن، گزارا الائونس ذريعي 1.2 بلين مستحق ماڻهن کي ڏيڻا هئا پر پئسا تقسيم ناهن ٿا، سيڪريٽري زڪوات وڌيڪ عدالت کي ٻڌايو ته هڪ لک ماڻهو رجسٽرڊ ٿيل آهن جن کي هر سال گزارا الائونس ذريعي 12 هزار ڏنا ويندا آهن، جنهن تي عدالت چيو ته گزارا الائونس کان بهتر ناهي ته ماڻهن لاءِ ڪا روزگار اسڪيم آندي وڃي، جنهن ذريعي رڪشا يا ننڍا ڪاروبار انهن کي کولي ڏنا وڃن. عدالت پڇيو ته يتيم يا مستحقن شادين لاءِ ڪيتري رقم ڏني ويندي آهي، جنهن تي سيڪريٽري زڪوات چيو ته يتيم ۽ مستحق ٻارڙين جي شادين لاءِ 20 هزار رپيا ڏنا ويندا آهن. عدالت پڇيو ته سوشل ويلفيئر کي فنڊن مان ڪيتري رقم ڏني وئي آهي، جنهن سيڪريٽري سوشل ويلفيئر عدالت کي ٻڌايو ته سوشل ويلفيئر کاتي کي هن وقت تائين ڪا به رقم ناهي ڏني وئي، جنهن تي سيڪريٽري زڪوات چيو ته سوشل ويلفيئر کي سڌي ريت پيسا ناهن ڏنا ويندا، رقم مستحق ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ هر ضلعي ۾ ڪاميٽي ٺهيل آهي ۽ ان ڪاميٽي جو چيئرمين ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪندو آهي، ان بعد ان ڪاميٽي ذريعي مستحق ماڻهن کي رقم ڏني ويندي آهي. جنهن تي عدالت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان جو مطلب ته مستحق ماڻهن جا اربين رپيا سياسي ماڻهن جي حوالي ٿي ويندا آهن يا ته لسٽون صرف ڏيکارڻ لاءِ هونديون آهن ۽ خاص ماڻهن کي زڪوات جي رقم ڏني ويندي آهي جنهن بعد درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.