اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان پاڻ ۽ گهرواري بابت ٽي سوال ڪندي انهن جا جواب طلب ڪري ورتا ۽ ٻڌڻي اڄ اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي ، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي 10 رڪني فل ڪورٽ نظرثاني وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي جي شروعات ۾ جسٽس مقبول باقر سرينا عيسيٰ کوسو کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪريو، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدالت کي اهو ٻڌايو ته 20 جون 2020ع واري فيصلي ۾ ڪهڙي غلطي هئي؟ سرينا عيسيٰ دليل ڏيندي چيو ته هن عدالت جي حڪم باوجود سپريم جوڊيشل ڪائونسل ايف بي آر واري رپورٽ اسان کي فراهم نه ڪئي آهي، منهنجا ذاتي ٽيڪس وارا مامرا منهنجي مڙس کان به ڳجها آهن، ايف بي آر منهنجي ٽيڪس جي مامرن کي مون کي ٻڌائڻ کان بغير ان تي رپورٽ تيار ڪري جمع ڪرائي آهي اهو غيرقانوني عمل آهي، هن چيو ته گذريل ٻن سالن کان منهنجي زندگي مختلف ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ بحث هيٺ آهي، فواد چوڌري، شهزاد اڪبر، فردوس عاشق اعواڻ ٽي وي چينلز تي ويهي منهنجي نجي زندگي کي پبلڪ ڪري ڇڏيو، هڪ اخبار ايف بي آر جي رپورٽ جو اڌ سچ به شايع ڪيو جيڪو غيرقانوني هو، گذريل ٻن سالن کان هزار ڀيرا مري چڪي آهيان، وڌيڪ مشڪلاتن ۾ نه وڌو وڃي، ايف بي آر چيئرمين پاران رپورٽ پيش ڪرڻ غيرقانوني هو، ايف بي آر مون کي يا منهنجي مڙس کي ڪڏهن به طلب نه ڪيو، سپريم جوڊيشل ڪائونسل به مون کي طلب نه ڪيو هو، جسٽس منيب اختر چيو ته ڳجهي رپورٽ ڪنهن به ڌر جي درخواست تي نه ٿي ڏئي سگهجي، سرينا عيسيٰ جواب ڏيندي چيو ته مون رپورٽ لاءِ درخواست نه ڏني هئي پر هن عدالت پاڻ حڪم ڏنو هو، مان 18 جون 2020ع تي ٽيڪس، پيسن جي منتقلي بابت سمورا دستاويز جمع ڪرائي چڪي آهيان، انهن جو هن عدالت درست جائزو نه ورتو آهي، جسٽس عمر عطا بنديال سرينا عيسيٰ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي ڪراچي جي اسڪول ۾ نوڪري دوران حاصل ڪيل آمدني ۽ ڪلفٽن ۾ ڪرائي جي مد ۾ ايندڙ رقم کي ايف بي آر نظر انداز ڪيو آهي، اوهان مرڪزي مقدمي ۾ ڌر نه هيئو، اوهان پاڻ پيش ٿي عدالتي ڪارروائي ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي،ان دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بار بار پنهنجي گهرواريءَ کي سمجهائڻ لاءِ روسٽرم تي ايندو رهيو، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال کيس روڪيو ۽ چيو ته پنهنجي جڳهه تي ويهي رهو، جسٽس عمر عطا بنديال ٽي سوال پڇندي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي گهرواريءَ جي بينڪ اڪائونٽن کان لاتعلق آهي؟ پرڏيهي ملڪ ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ موڪليل رقم جو تعلق جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان آهي يا نه؟ ڇا ملڪيت جي خريداري لاءِ جيڪو خرچ ڪيو ويو ان جو تعلق جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان آهي يا نه؟ جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته مان هن ٻڌڻي شروع ڪرڻ کان پهريان قرآن شريف جون آيتون پڙهندو آهيان ته مون کان ڪو غلط فيصلو نه ٿي وڃي، هن عدالت ۾ درخواست گذار جج ايتريون ڳالهيون ٻڌايون آهن اهي اسان ٻڌيون آهن درخواست گذار انهن سڀني ڳالهين کي درگذر ڪري، اسان به جذباتي ٿي سگهون ٿا پر نه ٿا ٿيون، جيڪو به فيصلو ڏينداسين اهو رڪارڊ مطابق هوندو، اسان کي اوهان سان جيتري محبت آهي ان جو اظهار عدالت ۾ نه ٿا ڪري سگهون، اوهان حڪومت کي جيڪو ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا عدالت کان ٻاهر وڃي چئو، جسٽس جسٽس عمر عطا بنديال سرينا عيسيٰ کان معلوم ڪندي چيوته اوهان پرڏيهه ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽ نه کوليو؟ اوهان جيڪا رقم پرڏيهه جي بينڪن ۾ منتقل ڪئي اها بينڪ ذريعي ڪئي؟ پاڪستان مان موڪليل رقم ايتري هئي جنهن سان اتي ملڪيت خريد ڪري سگهجي؟ اوهان کي وضاحت 5 آگسٽ 2009ع کان بعد ۾ ڏيڻي پوندي، 5 آگسٽ 2009ع تي اوهان جو مڙس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو، ان عرصي کان پوءِ ورتل ٻن ملڪيتن تي سواليا نشان آهي، 2009ع کان پهريان جيڪو ڪجهه ٿيو ان وقت اوهان جو مڙس پبلڪ آفيس هولڊر نه هو، اسان کي اهو به علم آهي ته اوهان جو خاندان مالي طور تي پهريان کان مستحڪم آهي، جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته عدالت جو بنيادي سوال اهو آهي ته ايف بي آر کي ريفرنس موڪلڻ کان پهريان اوهان جو موقف ٻڌڻ ضروري ڇو هو؟ سرينا عيسيٰ جواب ڏيندي چيو ته 20 جون 2020ع وارو فيصلو حنيب عباسي بنام عمران خان واري ڪيس ۾ ڏنل فيصلي جي خلاف آهي، جسٽس منصور علي شاهه سرينا عيسيٰ کي چيو ته جيڪي دستاويز جمع ڪرايا آهن انهن مطابق دليل ڏيو، سرينا عيسيٰ کوسو چيو ته مان پنهنجي بيمار پيءُ جي ڪري عدالت ۾ اچي موقف ڏنو، پنهنجي پيءُ جي بيماري جو ذڪر ڪندي سرينا عيسيٰ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو ته منهنجو مقصد اوهان کي اداس ڪرڻ نه هو، سرينا عيسيٰ چيو ته عمران خان آف شور ڪمپني کي تسليم ڪيو هو، ان سان جيڪو معيار رکيو ويو اهو مون سان معيار نه رکيو ويو، عمران خان سياسي جماعت جو سربراهه ۽ مان عام شهري آهيان، جيڪڏهن هي عدالت منهنجي ڳالهين سان متفق ناهي ته بيشڪ منهنجي درخواست خارج ڪئي وڃي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جج ٿيڻ کان پهريان مان 31 لک رپيا مهينو ڪمائيندو هيس، جڏهن جج ٿيس ته مون کي اڍائي لک رپيا پگهار ملندي هئي، حڪومت مطابق مان اڄ به قانون جي خلاف ورزي ڪريان ٿو، منهنجي ڪيس ۾ هڪ نه 3 پاڻمرادو نوٽيس ورتا ويا، جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته اوهان جو بنيادي نقطو اهو آهي ته اوهان کي دليل ڏيڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، اوهان پنهنجو بيان عدالت ۾ نه پڙهندا ته ان جو منفي تاثر ويندو، جسٽس منيب اختر چيو ته ڪنهن به سائل کان قانون جو ليڪچر نه ٿا وٺي سگهون، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کيس چيو ته جج ۽ ججن جي خاندان جي باري ۾ ڪوئي به دوکو نه هجڻ گهرجي، مان ان خاندان مان آهيان جن هن ملڪ کي ٺاهيو، مان ملڪ لاءِ جان به ڏيندس، مان پنهنجي ذات لاءِ نه پر ملڪ لاءِ جذباتي آهيان، مان آخري مجاهد هوندس جيڪو هن اداري ۽ ملڪ لاءِ وڙهندو رهندس، فيض آباد واري ڌرڻي جي ڪيس ۾ ڏنل فيصلي تي عملدرآمد ٿئي ها ته اڄ هي سڀ ڪجهه نه ٿئي ها، 12 مئي واقعي جي ذميوار خلاف ڪارروائي ٿئي ها ته هو دبئي ۾ نه ويٺو هجي ها، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا دليل جاري هئا ته عدالت ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.