ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ تازو اسسٽنٽ پروفيسر طور 18 هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ 259 ميل ۽ 141 فيميل ليڪچرارن کي اسسٽنٽ پروفيسر طور مختلف ڪاليجن ۾ پوسٽنگ ڏني وئي آهي، ان حوالي سان ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 18هين گريڊ جي صائمه قائمخاني، شازيه قمر، ناهيد پٺاڻ، رخسانه قريشي، عمره ڀنڀرو، نسرين ٿيٻو، شمع ربي خان، نادره سلطان، صائمه انجم، شيبه ذوالفقار، امبرين فاطمه، صوفيه بشير، نوشين، سلميٰ مهر، رخسانه ناز، سيما پروين، افشين آرا، شمشاد قريشي، فرحانه جبين، شبينه ارباب، زرينه بيبي، سعديه نسيم، فردوس بيگم، سروت طارق، طيه خاتون، شائسته شيخ، زينت بانو تنيو، شائسته پروين، رضوانه شيخ، ناجيه ڀٽو، صنم راڄپر، عظميٰ راڻي عباسي، صنوبر گل، الماس سومرو کي مختلف ڪاليجن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. 18هين گريڊ جي عارف زمان، حبيب الرحمان، ڀليڏنو ابڙو، ضمانت علي، زاهد حسين، علي نواز جوکيو، محمد عادل، اسد امين، خليل الله ميمڻ، عباس صادق، ارتضيٰ خان، گل حسن بلوچ، انعام علي سپيو، ارشاد علي، ستار جتوئي، اسد الله، محمد صديقم، سيد ڪامران عباس، ارشاد شاھ، شفيق شاهاڻي، عرفان الله، خاور لطيف، فيصل هاشمي، حفيظ الرحمان ۽ محمد علي فيروز سميت ٻين کي ترقين بعد مختلف ڪاليجن ۾ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.