ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جزوي لاڪ ڊائون رهيو، ماڻهو ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندي نظر آيا، مختلف جاين تي ڪاررايون به ٿيون، جڏهن ته عملدارن ۽ شهرين ۾ منهن ماري پڻ ٿي. ان ڏس ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن به رڪاروبار بند رهيو، ٽرانسپورٽ به روڊن تي گھٽ نظر آئي. حيدرآباد ۾ جزوي لاڪ ڊائون سبب شھر جا مک ڪاروباري مرڪز بند رھيا، رستن تي گاڏيون معمول کان گھٽ رھيون جڏھن ته حيدرآباد کان سنڌ جي مختلف علائقن ڏانھن ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون بند رکڻ لاءِ بس اسٽاپن تي پوليس اھلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو. لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مسافر بسن ۽ وينن کي رستن ۾ روڪي مسافرن کي گاڏين مان لاھي پوليس وڏي انگ ۾ گاڏين کي بيھاري ڇڏيو. لاڪ ڊائون سبب ريشم بازار، شاھي بازار، بوھري بازار، صدر، ڪلاٿ مارڪيٽ، چاندني موبائل مارڪيٽ، حيدر چوڪ، قاضي قيوم روڊ، اسٽيشن روڊ، گول بلڊنگ، سرفراز چاڙھي، ٽاور مارڪيٽ، فقير جو پڙ، پڪو قلعو، ڪچو قلعو، گل سينٽر، آٽون ڀان روڊ، لطيف آباد، حالي روڊ، قاسم آباد سميت ٻھراڙي تعلقي ۾ به جزوي لاڪ ڊائون سبب ننڍو وڏو ڪاروبار بند رهيو ، ويڪسئين سينٽرن تي ويڪسئين لڳرائڻ وارن جي رش نظر آئي، جڏھن ته حيدرآباد ۾ کير، ڪريانه، بيڪرين، ڀاڄين ۽ ميوات سميت گوشت جا دڪان پڻ کليل رھيا. واپارين بنا ماسڪ جي سماجي وٿي کي نظرانداز ڪندي پنهنجو ڪاروبار جاري رکيو. ٻئي پاسي لاڙڪاڻي ۾ جزوي لاڪ ڊائون رهيو، جنهن دوران شهر جي اهم ڪاروباري مرڪزن ۾ دڪان کلڻ جي اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو عملي سان گڏجي پاڪستاني چوڪ، بندر روڊ، ريشم گلي جو دورو ڪري کليل دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته اي سي ريشم گلي ۾ پهتو ته هڪ دڪاندار پنهنجي دڪان کي تالو لڳائي بند ڪري رهيو هو جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر کيس دڪان کولي ڏيکارڻ جو چيو ان تي دڪاندار چاٻي نه هئڻ جو جواز ٻڌائي دڪان کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بعد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اهلڪارن جي مدد سان دڪان جا تالا ٽوڙيا ته وڏي انگ ۾ خريدار عورتون ۽ ٻارڙا نڪتا، ان موقعي تي دڪاندارن ۽ اي سي منهن ماري ٿي، جنهن تي هڪ دڪاندار اسسٽنٽ ڪمشنر مٿان حملي جي ڪوشش به ڪئي پر اتي موجود اهلڪارن کيس بچائي ورتو، پوليس ڪارروائي ڪري ٻن دڪاندارن بلاول شيخ ۽ سندس ڀاءُ غلام محمد شيخ کي گرفتار ڪرائي لاڪپ ڪري ڇڏيو، اي سي جي فرياد تي لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي، جهيڙي ۽ حملي جي ڪوشش جو ڪيس ٻنهي دڪاندارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ھالا ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ناھيد ميراڻي. مختيارڪار ھالا نصرالله چاوڙو پوليس اٽالن سان گڏجي ٻئي ڏينهن به شھر جا ننڍا وڏا مک ڪاروباري مرڪز مارڪيٽ، . شاھي بازار. ،طارق روڊ، . مھاجر چوڪ، . درگاھ روڊ.، ٿلھا روڊ، . باگڙي بازار، سميت مختلف علائقا پوليس جي مدد سان مڪمل طور تي بند ڪرائي ڇڏيا دڪانن تي ويٺل هڪ درجن کان وڌيڪ شهرين کي پڪڙي ساڻن بدتميزي ڪندي پوليس موبائيل ۾ ويهاريندي کين ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو. ڀٽ شاهه جي شاهي بازار ۔ دنبورا چوڪ ۔ الله والا چوڪ ۔ شاه حبيب چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي ايس او پيز کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو هوٽلن ۽ دوڪانن تي ماڻهن جي رش برقرار رهي ۽ انتظاميا لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي. ٽنڊوالھيار ۾ لاڪ ڊائون سبب ڪاروباري مرڪز بند رهيا، ريشم بازار، مارڪيٽ چوڪ، موج درياء روڊ ،ميمڻ پاڙي، لياقت گيٽ سميت جاين تي دوڪاندار پوليس جي مدد سان ڪاروبار ڪندا رهيا، ٽنڊوآدم ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 9 مختلف دڪانن کي سيل ڪيو ويو ۽ دڪاندارن جا ويڪسينيشن ڪارڊ پڻ چيڪ ڪيا ويا. عمرڪوٽ ۾ مارڪيٽون پاڻ مرادو بند رھيون. اي سي عمرڪوٽ مختلف دڪانن تي ڇاپا وڌيڪ اگهه وٺڻ ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي مختلف دڪاندارن تي ھزارين رپيا ڏنڊ ھنيو ويو. ڪنب، خيرپور ۾ ڪاروباري علائقا بند رهيا، خيرپور ۾ پوليس اهلڪارن پاران ريڙهن تي سبزي ۽ فروٽ کپائيندڙ پورهيتن کي چماٽون هڻڻ سان گڏ انهن مٿان تشدد پڻ ڪيو، ميرواهه گورچاڻي ۾ايس او پيز ٽوڙيندڙ دڪاندارن جا دڪان سيل ڪري ڇڏيا. گمبٽ ۾ اڪثر هنڌن تي ڪاروبار کليل رهيا. سکر شهر ۾ لاڪ ڊائون واري فيصلي کي دڪاندارن ٿڏي ڇڏيو، انتظاميا لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، شهر جي مک گھنٽا گھر چوڪ، غريب آباد، ملٽري روڊ، ڍڪ روڊ، شهيد گنج، نيم جي چاڙهي، صرافه بازار، مشن روڊ سميت سمورين بازارن ۾ اڪثر دڪان کليل رهيا.