ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ حڪومت عدالتي حڪم باوجود اضافي چارج رکندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي نه ڪئي، تعليم کاتي جي 11 بااثر ڪامورن جا اضافي عهدا برقرار سروسز کاتي پاران تعليم کاتي جي اختيارين کي خط لکڻ باوجود ڪامورن کان اضافي عهدا واپس نه ورتا ويا، ڊپٽي ڊي اِي اوز کي ڊپٽي سيڪريٽرين ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کي سيڪشن آفيسرن جون اضافي چارجون مليل، اضافي چارجون رکندڙ ڪامورا ٻنهي پوسٽن جا الائونسز ۽ ٻيون مراعتون حاصل ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سروسز کاتي جي اختيارين پاران عدالتي حڪمن تحت سمورن کاتن جي سيڪريٽرين ڏانهن خط لکي کين سختي سان هدايت ڪئي وئي هئي ته اضافي چارجون رکندڙ ڪامورن کان اضافي عهدا واپس ورتا وڃن، تعليم کاتي جي اختيارين سروسز کاتي جي اهڙي هدايتن تي عمل ڪرڻ بجاءِ ڪامورن جون اضافي چارجون برقرار رکيون آهن، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (ڊي ڊي اِي او) سينٽرل عبدالحفيظ مهيسر وٽ ڊپٽي سيڪريٽري (جنرل) ۽ سينٽرل ضلعي جي ڊي ڊي اِي او (پرائمري ) افشان رباب وٽ ڊپٽي سيڪريٽري (پرائيوٽ اسڪولز) جي اضافي چارج آهي، سائوٿ ضلعي جي ڊي ڊي اِي او (پرائمري) فاطمه بشير وٽ ڊپٽي سيڪريٽري (پرائمري) ۽ ڊي ڊي اي او پرائمري (ايسٽ ) پروين مبارڪ وٽ ڊپٽي سيڪريٽري (قانون) جي اضافي چارج آهي، سائوٿ ضلعي جي ڊي ڊي اِي او (سيڪنڊري) پيار علي لاکو وٽ ڊپٽي سيڪريٽري (سيڪنڊري) ۽ ساڳئي ضلعي جي ڊي ڊي اِي او پرائمري نويد سڪندر وٽ ڊپٽي سيڪريٽري (ايجوڪيشن ورڪس) جي اضافي چارج آهي. 17هين گريڊ جي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر (فيميل) شاھ فيصل ڪالوني اعجاز علي وٽ سيڪشن آفيسر (جوڊيشل)، ٽي اِي او صدر ٽائون وقار مهيسر وٽ سيڪشن آفيسر (پرائمري ون) ۽ بن قاسم ٽائون جي ٽي اِي او پرائمري (فيميل) رياض شر وٽ وري سيڪشن آفيسر ( اي اينڊ آر ) جي اضافي چارج آهي.