ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي جي ويڪسينيشن سينٽرن تي عوام جي رش برقرار، ويڪسينيشن واري عمل ۾ واڌ سبب صحت کاتي جي اختيارين ڪراچي جي 6 ضلعن ۾11 ويڪسينيشن سينٽر کي ماس ويڪسينيشن سينٽرن جو درجو ڏئي ڇڏيو. سموري صوبي ۾ ويڪسينيشن سينٽر وڌائڻ جو فيصلو، ڪراچي ۾ وڌيڪ ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪرڻ تي به غور شروع ڪيو ويو . نون قائم ڪيل ماس ويسڪسينيشن سينٽرن کي واڌو ويڪسين ۽ عملو فراھم ڪيو ويندو، جتي 24 ڪلاڪ ويڪسينيشن وارو عمل جاري رهندو. ضلعي اوڀر ۾ اوجھا ڪيمپس، اولهه ضلعي ۾ قطر اسپتال، ملير جي مراد ميمڻ اسپتال، ڏکڻ ضلعي جي خالق ڏنو ھال، جناح اسپتال ۽ لياري جنرل اسپتال وارن سينٽرن کي ماس ويڪسينيشن سينٽر جو درجو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته سينٽرل ضلعي ۾ چلڊرن اسپتال، نيو ڪراچي اسپتال ۽ لياقت آباد اسپتال کي پڻ ماس ويڪسينيشن سينٽر جو درجو ڏنو ويو آهي. ڪورنگي ضلعي جي سنڌ گورنمينٽ  اسپتال 5 نمبر ۽ سعود آباد اسپتال ۾ پڻ ماس ويڪسينيشن سينٽر ٺاهيو ويو آهي. ٻئي پاسي اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر شاھ ڪلفٽن ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽر جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 1 خانگي بينڪ جي سهڪار سان سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽر شهرين کي ويسڪسين جي سهوليت مهيا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ماڻهن جي رش سبب ويڪينيشن ڪائونٽر وڌايا آهن. شهر ۾ وڌيڪ ڊرائيو ٿرو ويڪسين سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن شهرين کي سهوليت ملي سگھي. هن وڌيڪ چيو ته ڊيلٽا وائرس خطرناڪ آهي، جنهن کان محفوظ رهڻ لاءِ ويڪسين واري عمل ۾ حصو وٺڻ گھرجي. هن چيو ته پوري صوبي ۾ ويڪسينيشن سينٽرن ۾ اضافو ڪيو ويندو.