ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو)سنڌ ۾ قيمتن  تي ضابطو آڻڻ، تور ۽ ماپ واري کاتي مهانگائي جي قهري دور ۾ قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪي اُپاءَ ته نه ورتا، پر پنهنجي ئي کاتي جي هڪڙي 16 گريڊ جي انسپيڪٽر کي ڊي ڊي او پاور ڏئي سنڌ جي ستن ضلعن جو انچارج بڻائي ڇڏيو آهي، 16 گريڊ جو خادم حسين جکرو هن وقت حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص،عمرڪوٽ ۽ مٺي ضلعن جو ويٽ ۽ مائيرميٽ آفيسر آهي، لاڳاپيل پوسٽ 17 گريڊ جي گزيٽيڊ آفيسر جي آهي ۽ هڪ ضلعي ۾ رڳو هڪ ئي 17 گريڊ جو گزيٽيڊ آفيسر مقرر ٿيندو آهي، پر سنڌ جي هڪڙي وڏي سياسي هائوس جي خاص عنايت سان 16 گريڊ جو خادم حسين جکرو 7 ضلعن جو انچارج آفيسر آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل کاتي جي انتهائي ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل آفيسر ايترو ته طاقتور آهي جو انهن ضلعن جي چونڊيل نمائندن پڻ کاتي جي اسپيشل اسسٽنٽ ڊاڪٽر کٽومل اڳيان شڪايتون ڪيون آهن، پر خاص مددگار کٽومل پڻ بااثر آفيسر کي هٽائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي 7 ضلعن جون چارجون رکندڙ هن آفيسر خادم حسين جکرو ڊي ڊي او پاور استعمال ڪندي صرف ميرپورخاص ڊويزن جي ٽن ڊويزنن مان 50 لک رپيا آفيس خرچن جي مد ۾ ڪڍرائي ورتا آهن، اهڙي دانهن کاتي جي صوبائي ڪنٽرولر زاهد حسين سومرو معرفت اعليٰ اختيارين تائين پڻ پهتيون آهن، جڏهن ته کاتي اندر 17 گريڊ جا ڪيترائي آفيسر پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل آهن، پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران بار بار رابطو ڪرڻ تي وڏي وزير جي خاص مددگار ۽ کاتي جي چارج رکندڙ ڊاڪٽر کٽومل پنهنجو موقف اهو چئي انڪار ڪيو ته آئون جاچ ڪرايان ٿو، مونکي خبر ناهي ته هڪڙي جونيئر آفيسر کي ايترن ضلعن جون چارجون ڪيئن مليل آهن.