ميرپورماٿيلو (ن پ ا) گھوٽڪي ۾ استادن  جي نئين ڀرتين وارو معاملو، پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استادن کي آفر آرڊر ڏيڻ ۾ دير تي سيڪريٽري تعليم پاران ڊي اي او گھوٽڪي مظفر شاھ کي شوڪاز نوٽيس جاري، ڊي اي او کان 3 ڏينھن ۾ جواب طلب ڪيو ويو. شوڪاز ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڊي اي او بدانتظامي سان گڏ  بهتر ڪارڪردگي نه پيو ڏيکاري. ميڊيا ذريعي شڪايتون اچي رھيون آھن ته ڊي اي او استادن جي ڀرتين ۾ غيرضروري رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي. تعليم کاتي ۾ استاد جي کوٽ سبب تعليم متاثر ٿي رھي آھي. ڊي اي او کي ٽن ڏينهن ۾ لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ھوڏانھن تعليم کاتي جي ايچ آر شعبي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪشور ڪمار جو ان حوالي سان وائيس ميسيج منظر تي آيو آھي جنھن ۾ ھو چئي رهيو آهي ته ڊي اِي او ڏانهن شوڪاز اماڻيو آهي، وڌيڪ کيس ڦاهي نٿا ڏئي سگھون، ڊي اِي او نٿو مڃي، ان تي وڏيرن ۽ سردارن جا هٿ آهن،سيڪريٽري ڇا ڪري.  10 محرم کان پوءِ کيس گهرايو آهي.