ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪاروائي، صدر بم ڌماڪي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، سي ٽي ڊي اختيارين موجب حب ريور روڊ وٽ سي ٽي ڊي ٽيم ڇاپو هڻي  صدر ڌماڪي جي مرڪزي جوابدار شيراز احمد کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار جو تعلق ايس آر اي سان آهي ،گرفتار جوابدار وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي، جوبدار شيراز احمد ڌماڪي جي بيڪ اپ ٽيم ۾ شامل هو، کانئس وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته صدر جي مرشد بازار وٽ سائيڪل بم ڌماڪو ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو هو، 10 زخمي ٿي پيا هئا، ڌماڪي جي ڪجهه عرصي بعد مرڪزي جوابدار الهڏني سميت 2جوابدار سي ٽي ڊي جي مقابلي ۾ مارجي ويا هئا.