ڪراچي (م ڊ) ڪي اليڪٽرڪ شهر ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته شهر ۾ بجلي جي فراهمي معمول موجب جاري آهي، ڪراچي ۾ بجلي جي سپلاءِ ويب سائيٽ تي 30 جون تي جاري ڪيل شيڊيول موجب جاري آهي. ترجمان موجب لوڊشيڊنگ جي ان شيڊيول ۾ ڪا واڌ يا تبديلي ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته شارٽ فال 24 ڪلاڪ برقرار رهڻ سبب رات جو لوڊشيڊنگ ختم نٿا ڪري سگهون.