سنڌ ۾ بلدياتي ادارا ناڪام ٿي ويا، ڪير به ڪم نٿو ڪري: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

0
310

سنڌ ۾ بلدياتي ادارا ناڪام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ سنڌ ۾ بلدياتي ادارا ناڪام ٿي ويا، ڪير به ڪم نٿو ڪري، تنهنڪري ڊڪٽيٽر ڏنڊي جي زور تي ادارن کان ڪم ڪرايا، سنڌ سرڪار ته مقامي حڪومتن کي بااختار بنائڻ جون دعوائون ڪري ٿي، شهرين لاءِ ڪم به ڪرايو

 سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان فلاءَ اوور جي اڏاوت سبب متاثرن کي معاوضو نه ملڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا، اي جي سنڌ چيو ته اهو منصوبو مشرف دورو جو آهي

 جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته مطلب هڪ آمر فلاءِ اوور ٺاهي هليو ويو، پر سياسي سرڪار ايترن سالن کان ڪجهه نٿي ڪري، چيف سيڪريٽري کي گهرايون ٿا، کيس چونداسين ته متاثرن کي پئسا ڏيو، چيف سيڪريٽري ۽ ڊي جي ڪي ڊي اي کي 8 فيبروري تي ذاتي طور طلب ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ: سنڌ ۾ سرڪاري نوڪريون ڏيڻ تي پابندي برقرار