سنڌ هاءِ ڪورٽ: سنڌ ۾ سرڪاري نوڪريون ڏيڻ تي پابندي برقرار

0
459
سنڌ هاءِ ڪورٽ: 6 ماڻهن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 21 هزار 310 کان وڌيڪ پوسٽن تي ڀرتين ۾ مبينا بي ضابطگين خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس وقت گهٽ هجڻ سبب ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي

سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين تي ڀرتين تي پابندي برقرار آهي، عدالت سيبا ٽيسٽنگ سروسز کي ڀرتي جي عمل کان روڪي ڇڏيو هو، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ بي اي سکر کي نوٽيس جاري ٿي چڪا آهن

صبا ٽيسٽنگ سروسز، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، آءِ بي اي ڪراچي کي به نوٽيس جاري ٿيل آهن

ايڊووڪيٽ طارق منصور عدالت کي استدعا ڪئي ته سکر آءِ بي اي کي ڀرتين وارين عمل کان روڪيو وڃي، آءِ بي اي جي ٽيسٽ جي طريقيڪار کي چيلينج ڪيو آهي

ايم اين اي ڪشور زهره، ايم پي اي سيد هاشم رضا، غلام گيلاني، جاويد حنيف خان ۽ وسيم الدين قريشي به درخواستگذارن ۾ شامل آهن

ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 38 کان وڌيڪ کاتن ۾ ڀرتيون جاري آهن، بي ضابطگين جي ڪري ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪرين کان محروم رکيو پيو وڃي

طارق منصور ايڊووڪيٽ چيو ته 3 جنوري 2020 ۽ 6 فيبروري 2020 تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا، گريڊ 5 کان 15 تائين جاين لاءِ خاموشي سان ڪارروائي ڪئي وئي، سکر آءِ بي ٽيسٽ سروسز کي غلط ٽيسٽنگ جو ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو، نئين طريقيڪار تحت آءِ بي اي ڪراچي جي بجاءِ نوڪريون سکر آءِ بي اي سان ٿينديون

ھي به پڙھندا

 

غيرقانوني عمارت جي خاتمي تائين رهواسين لاءِ رهائش جو انتظام ڪيو وڃي:سنڌ ھاءِ ڪورٽ