لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ بچل ويسر ۾ ٿريشر ۾ ٻانهن اچڻ سبب 12 ورهين جو نينگر نويد پٽ نياز علي ويسر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي چانڊڪا اسپتال آندو ويو،  نينگر جي حالت خراب هئڻ ڪري وارث نجي سينٽر تي کڻائي ويا.محمد سومر ويسر ٻڌايو ته ٿريشر مشين ۾ ٻانهن اچڻ سبب نينگر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽر سندس جو بهتر علاج نه پيا ڪن ايڪسري مشين به خراب پيل آهي هتي ڊسپسنر مرهم پٽي ڪري هليا ويا آهن جنهن کان پوءِ تڪليف وڌي وئي آهي تنهن ڪري سندس ٻانهن ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي.