اشو آف دي ڊي سنگر فائزا علي جي وڊيو ڪلپ وائرل: سوشل ميڊيا تي مٿس ٺٺول: ساراهه به ٿيڻ لڳي

0
459
اشو آف دي ڊي سنگر فائزا علي جي وڊيو ڪلپ وائرل: سوشل ميڊيا تي مٿس ٺٺول: ساراهه به ٿيڻ لڳي

 صنم سهڻو هجي ساقي گيت سان مقبوليت ماڻيندڙ سنگر فائزا علي هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي طنز، ٺٺول جو شڪار ٿي آهي انهي سان گڏ سندس ساراهه به تمام گهڻي ٿي رهي آهي، (اهي رهيا کيا ڏئي وٺو، هو جمالو، اسان جمالو چئي هليا وينداسين، اسان جي گاڏي بيٺي روڊ تي هو جمالو، اهي رهيا کيا ڏئي وٺو) گهور بابت اهڙي وڊيو ڪلپ وائرل ٿيڻ کانپوءِ فائزا علي جي هڪ ٻي وڊيو ڪلپ به وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته (هنن ٻارن کي ته ٿورو پري ڪيو، اسان جا سڀ پئسا کڻي ويا، گهور جنهن کي به ڪرڻي آهي مهرباني ڪري اسٽيج تي ڪري، اسان غريب ماڻهو رلي وينداسين) اها وڊيو ڪلپ سامهون اچڻ سان ئي سوشل ميڊيا تي دلچسپ، طنزيه ۽ تعريفي تبصرا شروع ٿي ويا، فائزا علي ان وڊيو ۾  “ديوانه هون مين ديوانه” ڪلام ڳايو آهي جنهن جي پڻ تمام گهڻي تعريف ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ حسين منصور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فائزا علي تي ٺٺول جي مذمت ڪجي ٿي،

اسان جي سنڌي فنڪارن کي ملي ڇا ٿو، جو اُنهن تي ويهي ٺٺول ڪري رهيا آهيو، اُنهن کي اتساهه ڏيو، مايوس نه ڪريو، دُنيا ۾ اوهان سنڌين جي سڃاڻپ اھي سنڌي فنڪار، ڪلاڪار، آرٽسٽ ئي آهن، جيڪي معاشرن کي لٽي ڇڏيندڙ اڄوڪي تيز طوفاني دور ۾ اوهان جي ثقافتن کي مختلف نمونن سان زنده رکيون پيا اچن. جنهن تي مجيب سنديلو لکيو ته سئو سيڪڙو سچ ٿا چئو، محمد کهاوڙ به ٺٺول جي مذمت ڪئي. سرمد حيدرآبادي به فائزا علي جي ان گاني جي وڊيو شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ڪلام ڀلو ڳايو اٿس، ڀوڳ ڀلي ڪجي پر فن کي داد به ڏجي.سيف الله چانڊيو لکيو ته ڇا ته معصوميت آهي، صدام خاصخيلي لکيو ته اسان غريب آهيون. حسن عباس لکيو ته فنڪار جي گهور به هلي وڃي ته پوءِ ڇا بچيو، گل حسن گل به ڪلام جي تعريف ڪئي، ساجد علي ميراڻي لکيو ته وڏي بکي آهي، جنهن تي فاروق احمد گهنڃو جواب ڏنو ته بک ئي ته سڀ ڪجهه ڪرائي ٿي، عبدالغفور لکيو ته معصوم آ ڏاڍي.

ثاقب علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فائزا علي بھترين فنڪارا آھي، ان تي ٺٺول ۽ مذاق بند ڪيو وڃي، اسان غريب آھيون.  جنهن تي ذلفي چاچڙ لکيو ته اسان غريب آهيون اها حقيقت ئي ته آهي ۽ غربت ڪو عيب ناهي. علي گوهر سومرو لکيو ته اها اسان جي پراڻي عادت آهي ڪنهن جي حوصلا افزائي بدران ٺٺول ڪندا آهيون. صدام حسين لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فنڪار امن جا امين هوندا آهن ۽ سچ ۾فنڪار غريب ئي هوندا آهن فائزا علي معصوم طبيعت جي مالڪ آهي هن تي تنقيد ڪرڻ کان بهتر آهي ته هن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. عرفان علي رند طنز ڪندي لکيو ته ٻار اسان جا سڀ پئسا کڻي ويا، جنھن کي گھور ڪرڻي آھي اسٽيج تي اچي ڪري اسان غريب آھيون، علي رضا بلوچ، عبدالحڪيم رند اهڙي وڊيو ڪلپ تي ٽهڪن واري ايموجي رکي. شمع منور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھن نوجوان ڇوڪريءَ تي ايڏي ٺٺول !! جيڪا معصوميت سان سڀني جي سامهون چئي ٿي ته جنھن کي به گھور ڪرڻي آھي اھو  اسٽيج تي اچي ڪري. اُنھن فنڪارن، اداڪارن ۽ قلمڪارن لاءِ ڇا چئجي جيڪي اسٽيج تي پروگرام ڪرڻ  کانپوءِ  پردي جي  پويان گھور وٺندا آھن جيڪا نظر به نه ايندي آھي.  جنهن تي علي حسن ڀٽو لکيو ته گهور فنڪارن جو حق هوندو آهي ،

فنڪارا معصوماڻي انداز ۾ پنهجي حق جي ڳالهه ڪئي ان ۾ ماڻهن کي الائي ڇو تڪليف آهي. الله سمجهه ڏين، انو سولنگي لکيو ته اسان وٽ فنڪار جي عزت ايتري آهي.. جيڪا هن معصوم فنڪارا سان ٺٺول مان ظاهر ٿئي ٿي. هن معصومه فائزا علي جي اندر جي شايد ڪنهن کي خبر ناهي. ننڍڙي هئي ته سندس والد اسلم وفات ڪري ويو. پنهنجي ڏاڏي ۽ پنهنجي دور جي نالي واري فنڪارا رازده پروين کيس نپايو. فن سان چاهه هوندي کيس فنڪارا بڻايو. رازده پروين اڪيلي پٽ جي وفات کان پوءِ نھايت ڏکين ڏينهن مان گذري آهي. هينئر هي ننڍڙي فنڪارا پنهنجي بيواهه والده پنهنجن ننڍڙين ڀينرن ڀائرن جو اڪيلو سهارو آهي. مون کي ان وقت حيراني ٿئي ٿي جڏهن اسان جا چڱا ڀلا ماڻھو هن معصوم جي نالي تي اڻوڻندڙ ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. خالدا منير لکيو ته ان مان انداز لڳايو ته اسان پنهنجي فنڪارن جو ڪيترو قدر ڪريون ٿا. زهرا نظاماڻي لکيو ته سادڙي آ ويچاري، مس مس ميڪ اپ جا ئي پئسا پورا ٿيندا ھوندس، اُھي به ٻار نه سھن ته ويچاري چئي ڏنو. اسان غريب ماڻھون آھيون، رُلي وينداسين. صدام راڄپر لکيو ته شرم جوڳو عمل آهي، اختر رند لکيو ته ٺٺول ڪنهن به نه ڪئي سندس لفظن جي ادائگي ۾ ايتري ته ڪشش ۽ مزاح هئي جو سندس ڪلپ هزارين ماڻھن فيس بوڪ ٽڪ ٽاڪ تي شيئر ڪئي.

علي اعجاز لکيو ته اسان اهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي فن جو قدر ناهي، معشوق علي لکيو ته ۽ پاڻ به ويچاري التجا پئي ڪري ته غريب ماڻھون آھيون،خالدا پيرزادو لکيو ته جن ماڻھن به ان معصوم ڇوڪري تي ٺٺول ڪئي آھي ان مان انھن جي سوچ جو اندازو چڱي طرح سان لڳائي سگھجي ٿو ته ڪيڏي ننڍي سوچ اٿن افسوس. سرويچ سنڌي لکيو ته اهڙي ذهني غربت تي افسوس، عبدالرزاق ملاح لکيو ته وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه ڪمينٽس اھڙا به آهن جو اندر سڙي ويو اسان جي معاشري ۾ لکيل پڙھيل جاھل آھـن، سٺي سوچ رکو سنڌي قوم جي نياڻي آهي، نجم ڀنگر لکيو ته انتهائي ڏک ٿيو، حسين طارق لکيو ته معصوم نياڻي آهي، عطا سنڌيار لکيو ته معاشرو ئي اهڙو آهي، نثار علي چانڊيو لکيو ته اهو سماج آهي، الطاف علي خاصخيلي لکيو ته غير اخلاقي ڪنهن به نه ڪئي آھي سڀ فائزا سان محبت ڪن ٿا انهي جي ڪري پوسٽون رکن پيا،ڪيول سينڌل لکيو ته اسٽيج تي ايتري عوام جي سامھون ڳائڻ ڪا مزاق ناھي ھوندو،اڄڪلهه جا نوجوان ھن بهترين سنگر تي ٺٺوليون ڪري رھيا آھن. آزاد لال حسين ٺٺول جي مذمت ئي،

علي نواز جلباڻي لکيو ته نوجوان ٽيلنٽڊ فنڪارا تي ايڏي وڏي پيماني تي طنز سمجھ کان ٻاهر آهي.صدام امر لکيو ته ماڻهن جي سوچ تي افسوس آهي، زيبا ڪامران منگي لکيو ته رڳو منافقت آهي، فراز غوث جتوئي لکيو ته ٺٺول نه پر ساراهه ڪجي، شفقت علي کوسو لکيو ته گهور جي ڳالهه ڪئي آهي ان ۾ غلط ڇا آهي، زاهد لکڻ لکيو ته اها انهن جي روزي روٽي آهي، وزير لغاري لکيو ته هي مرداڻو سماج آهي هن سماج ۾ عورت کي حقير سمجهيو ويندو آهي عورت عظيم آهي، عزيز ميمڻ لکيو ته ڪير ان کي سڃاڻيندو هو، ان بهاني سان مشهور ٿي وئي، اخلاق اندر مذاق هجڻ گهرجي، برڪت علي لکيو ته محنت تي ٽوڪ ٺٺول ڇو؟ حسين مجاهد لکيو ته هن پنهنجي حق لاءِ پنهنجي محنت جي پورهئي لاءِ اهي لفظ چيا کيس جس هجي، زاهد حسين لکيو ته اسان وٽ ماڻهو هر ڳالهه ناڪاري انداز ۾ پيش ڪرڻ جا عادي آهن، شاهد فقير لکيو ته اسان وٽ فنڪار سان ايئن ٿيندو آهي ان تي ڇا چئون، ڪنڀر صادق لکيو ته اسان وٽ غربت تي سدائين ٺٺول ٿي آهي، عزيز حيدراڻي لکيو ته اسان وٽ فنڪار جي عزت ايتري آهي جيڪا هن معصوم فنڪارا مٿان ٺٺول مان ظاهر ٿئي ٿي، وقار لغاري لکيو ته گهور فنڪار جو حق هوندو آهي، هن پنهنجي حق جي ڳالهه ڪئي.

طارق عزيز گهانگهرو لکيو ته کل ڀوڳ ۽ تنقيد ۾ فرق آهي، علي بلوچ لکيو ته ٺٺول به نه ڪئي آهي، امانت علي شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته درد. ڪالَھه کان سوشل ميڊيا تي نئين اڀرندڙ فنڪارا فائزا علي جي ھڪ وڊيو ھلي رھي آھي جنھن تي ماڻھو پنھنجي پنھنجي حساب سان لکي رهيا آهن ڪجهه مذاق به لکي رهيا آهن پر ان وڊيو ۾ جيڪو درد آهي ان کي ڪير به محسوس نه ڪري سگهيو آهي. اھو درد ان ڪميونٽي جو درد آهي جنهن کي پاڻ فنڪار يا راڳي چوندا آھيون. ھي ڪميونٽي سنڌ جي اھا ڪميونٽي آهي جنهن جو ذريعه روزگار سواءِ ڳائڻ وڄائڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي ھنن کي اگر محفلون ملڻ بند ٿي وڃن ته سندن زندگي مشڪل ٿي وڃي، ھي ماڻھو پنھنجي مزاج ۾ تمام گھڻا محبتي به ٿيندا آهن عام ماڻھوءَ کي ھنن وٽان ھميشه پيار ئي مليو آهي منهنجي دل چوندي آهي ته ھنن تي ڪاش ڪوئي ناول لکي. فائزا علي جي جيڪا وڊيو ڪالھه کان ھلي پئي ان ۾ ھوءَ چئي رھي آھي ته جيڪا گھور ڏئي رهيا آھيو مھرباني ڪري اسٽيج تي ڏيو ھيٺ ڏيڻ ڪري پئسا ٻار کڻي ٿا وڃن سو اسان غريب ماڻهو آھيون اسان جي روزي روٽي اھا ئي آهي تنھنڪري اسٽيج کان ھيٺ گھور نه ڪيو، انھن لفظن ۾ جيڪو درد آهي افسوس ته ماڻهو ان کي سمجھي نه سگھيا آهن، ھوءَ ھڪ غريب سنگر آهي ھن پنھنجي فن کي ذريعه روزگار ان ڪري بڻايو آهي ته جيئن ھن جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن ھاڻي ان جي ڪمائي ڪوئي ٻيو کڻي وڃي ته دانھن ته ڪندي نه ۽ اھڙي دانھن فطري آهي ڪرڻ گھرجي.

آئون آخر ۾ وري عرض ڪندس ته راڳي ڪميونٽي غريب ڪميونٽي آهي انھن جي سار سنڀال لھڻ گھرجي انھن جي فن جي عيوض انھن کي ايتري گھور ڏجي جنهن مان ھو پنھنجي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪري سگھن آئون ھي صرف ھڪ فائزا علي لاءِ نه پيو چوان بلڪه انھن سمورن غريب فنڪارن لاءِ پيو چوان جن جي آمدني راڳ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪافي عرصي بعد سنڌ ۾  ھڪ نئين نوجوان خوبصورت ٽيلينٽيڊ فنڪارا فائزا علي اڀري آئي آھي. مون کي سندس باري ۾ گھڻي خبر ڪانھي پر سندس نئون ڪلام ”  صنم سھڻو ھجي ساقي ” گھڻو مقبول ٿيو آھي .  سندس آواز ۾ معصوميت ۽ چنچلتا آھي ۽ سندس سنڌي لھجو ۽ تلفظ  نج آھي. ھن جو آواز پيارو آھي ،  پر سندس وڊيوز گھڻو ڪري شادين جي محفلن جون آھن .  جيڪڏھن فائزا علي  کي سٺا رھنمائي ڪندڙ استاد ملي وڃن تھ هوءَ سنڌ جي بھترين ڳائڻي ثابت ٿي سگھي ٿي.

جنهن تي انيلا ناز سومرو لکيو ته اڃا فقط خوبصورتي جو کٽيو ٿي کائي گهڻي وقت تائين اهو مقام قائم رکڻ لاءِ کيس تربيت جي اشد ضرورت آهي، رخسانه پريت لکيو ته اسان جي سنڌ جي فنڪار جا فن ۾ معاشي مسئلن جا حل بہ موجود ھوندا آھن ڳائي ھو نه صرف شھرت ۽عزت ڪمائن ٿا پر پيٽ جو گاڏو به ان ئي تي ھلي ٿو ، اڳيان ھلي جڏھن ڳائيندڙ فنڪار جو سماجي رتبو ٺھي ٿو ته وري ان کي قائم رکڻ لاء معيار سان ڪمپرومائيز ڪن ٿا، گھڻي کان گھڻو پئسو ڪمائڻ لاء ھو شادين کي به ترجيح ڏين ٿا، باقي سونھن جو کٽيو ڪو به آرٽسٽ گھڻو وقت نه ٿو کائي سگھي سازن کي خوبصورت آواز گھربل ھجن ٿا ھر اڀرندڙ فنڪار جي ھمت افزائي ڪرڻ گھرجي، جڏھن به نين ڇوڪرين فنڪارائن جا ڪوئل جھڙا آواز سنڌ ۾ گونجندي ٻڌندي آھيان ، ته لڳندو آھي ڄڻ ھن اڏوھي کاڌل سماج جي نئين سر تعمير ٿيڻ شروع ٿي ھجي.