پنجاب ۾ اٽو سستو، سنڌ ۾ مهانگو، پوءِ به پ پ احتجاج پئي ڪري: گورنر سنڌ

0
228
نيٺ عمران اسماعيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته اسان جي صوبي سان وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي, گورنر هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت هڪ طرف مهانگائي مارچ ڪري رهي آهي  ته ٻئي طرف پاڻ قيمتون به وڌائي رهي آهي

هن چيو ته جيڪڏهن ڪڻڪ جي کوٽ آهي ته وفاقي حڪومت کي لکو، ڪڻڪ فراهم ڪنداسين، اهو سڀ ڪجهه سياسي مهم جو حصو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا کانپوءِ سڄي دنيا ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ ناهي جتي مهانگائي وڌي وئي آهي، پاڪستان ۾ مهانگائي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿي آهي

عمران اسماعيل چيو ته پاڪستان ۾ به هٿ ٺوڪي مهانگائي ڪئي وئي آهي، پنجاب ۾ اٽو گهٽ اگهه تي ملندو آهي ۽ اهوئي اٽو سنڌ ۾ مهانگو ملي رهيو آهي، سنڌ حڪومت جواب ڏيئي ته 100 ٽن ڪڻڪ جي ڪٽوتي ڇو ڪئي؟

سنڌ جي گورنر چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت صوبي سان زيادتي نه ڪري، اسان جي صوبي سان وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي، سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکي 48 ڪلاڪن ۾ ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي

هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته اهڙي ڪا به تحريڪ ناهي، جنهن سان عمران خان کي خطرو هجي، اپوزيشن ته هر وقت تاريخ تي تاريخ ڏيندي آهي، عمران خان چاهي ته وڌيڪ ماڻهن کي روڊن تي آڻي سگهي ٿو