سکر: ڪسٽم اختيارين پاران ضبط ڪيل 25 ڪروڙ جو سامان ساڙيو ويو

0
289
سکر: ڪسٽم اختيارين

سکر (ن پ ا) ڪليڪٽوريٽ آف ڪسٽم حيدرآباد طرفان 25 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو غيرقانوني سامان ساڙيو ويو، سول جج سکر علي حسن ڦلپوٽو جي نگراني ۾ ضبط ڪيل غيرقانوني سامان ساڙيو ويو آهي

ڪسٽم اختيارين موجب گذريل دوران مختلف ڪارواين ۾ غيرقانوني، اسمگل شدا توڙي مدي خارج ايٽم ضبط ڪيا ويا، باهه ڏئي ساڙيل شين ۾ سوپاريون، گٽڪو، سگريٽ، اجونو موتو، ڪاسميڪٽڪ ۽ ٻيو سامان شامل آهي

ڪليڪٽر ڪسٽم موجب ڪسٽم جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منقعد ڪئي وئي، تقريب ۾ ڪليڪٽر ڪسٽم ڊاڪٽر صادق الله، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪسٽم عاصم رحمان، ڪسٽم آفيسر عرفان منگي ٻيا موجود هئا، تقريب ۾ اينٽي نارڪوٽيس فورس، رينجرس، چيمبر آف ڪامرس، ڊسٽرڪٽ بار ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي

هن جو چوڻ آهي ته ڪسٽم 1.5 بلين جو روينيو به ڪليڪٽ ڪيو آهي، چيمبر آف ڪامرس جي تجويز تي سکر ۾ به ڪسٽم ڪوليڪٽوريٽ جلد قائم ٿيندو