پوليس طرفان مبينا تشدد بعد واھ ۾ اڇلايل نوجوان جو لاش ھٿ

0
208

تلھار/ٽنڊو باگو (نمائندن وٽان) ٽنڊو باگو ۾ پوليس طرفان مبينا تشدد بعد واهه ۾ اُڇليل نوجوان جو لاش 5 ڏينهن بعد هٿ آيو آھي، تلهار واسي نوجوان مقصود عرف وسيم ٽالپر جو لاش اڪرم واهه مان هٿ آيو

وارثن جو تلهار ۾ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو، شهر ۾ ڪاروباري مرڪز ۽ دڪان به بند، نوجوان جي وارثن پوليس تي الزام هنيو آهي ته پوليس مقصود کي گرفتاري بعد وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن بعد نوجوان کي واهه ۾ اُڇلي ڇڏيو

پوليس جو موقف آهي ته نوجوان گرفتاري کان بچڻ لاءِ واهه ۾ ٽپو ڏنو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ نوجوان جي وارثن جي احتجاج بعد ايس ايس پي بدين ايس ايڇ او کي معطل ڪيو هو

ھي به پڙھندا

قمبر ڀرسان پوليس جي روڪڻ ۽ مبينا تشدد سبب معصوم ٻارڙي فوت، ڌرڻو