باڊھ مان مبينا اغوا ڄاڻايل ناري پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

0
371
باڊھ مان مبينا اغوا

باڊھ (ن پ ا) باڊھ مان مبينا اغوا ٿيل ناري سويرا مسڻ ۽ استاد غلام قادر سولنگي وارو مامري ۾ اڳڀرائي ٿي آهي, ڳوٺ گابر مسڻ مان ڏھ ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري سويرا مسڻ ڪراچي جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ سائوٿ 8 جي عدالت ۾ پيش ٿي ڪري بيان ڏئي ڇڏي

ناري پاران استاد غلام قادر سولنگي سان ڪجھ وقت اڳ پسند جي شادي ڪرڻ جو بيان ڏيندي چيو ته وارث ٻئي هنڌ پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ پئي چاهيو، غلام قادر سولنگي سان پيار پرڻو ڪيو آهي

عدالت ناري جي بيان بعد کيس استاد غلام قادر سولنگي سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي،  ياد رهي ته ڏھ ڏينهن اڳ ناري سويرا مسڻ جي والد غلام سرور مسڻ باڊھ ٿاڻي تي استاد غلام قادر سولنگي مٿان سويرا جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايوهو